سوئي ڪمپنين پاران گئس مهانگي ڪرڻ جي درخواست

سوئي ڪمپنين پاران گئس مهانگي ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سوئي گئس ڪمپنين گئس جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ اوگرا کي درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جن ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان گئس مهانگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.سوئي ناردرن گئس ڪمپني سراسري قيمت ۾ 10 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي درخواست ڪندي گئس جي نئين سراسري قيمت 1712 رپيا 40 پئسا مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.ٻئي طرف سوئي سدرن گئس ڪمپني سراسري قيمت ۾ 366 رپيا 75 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي درخواست ڪئي آهي.سوئي سدرن پاران گئس جي سراسري قيمت 2071 رپيا 75 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو