حيدر آباد (ن س )سنڌ ترقي پسند پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي عهديدارن جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ 29 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ”سنڌ منهنجي امان“ ريلي ۽ عوامي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيڪڏهن 29 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي سنڌ جي قومي تاريخ ۾ اهم ڪردار ڪندا جيڪو سنڌي قوم کي ايندڙ خطرن کان بچائڻ لاءِ جدوجهد جو مضبوط بنياد ثابت ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪا نئين ڳالهه ناهن، گذريل اسي سالن کان ون يونٽ، ٻٽي نظام ۽ ٻين مختلف تجربن ذريعي سنڌ جي قومي وجود کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. آفاق احمد جي تازن بيانن ۽ اسلام آباد مان ايندڙ اشارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو پراڻو منصوبو ٻيهر سامهون آندو پيو وڃي، پر سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جي ورهاڱي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته 29 نومبر تي اسان ڪراچي ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙ کي شرڪت جو سڏ ڏنو آهي. ته جئين سڄي دنيا کي اهو پيغام وڃي ته سنڌ ۾ رهندڙ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي اهو سنڌ جي وحدت جي خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندو. ڊاڪٽر قادر مگسي پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته ڳوٺن، ٻهراڙين، آبادگارن، هارين، مزدورن ۽ نوجوانن تائين پهچي کين موجوده خطرن کان آگاهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن ٺٽو ويو ته بدين، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ ۽ مٺي به محفوظ نه رهندا. هي فيصلي جي گهڙي آهي، اڄ قومي ٻڌي ۽ قرباني جو مظاهرو ڪيو ويو ته وطن بچائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ايندڙ نسلن کي ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ حيدرآباد ڊويزن جي صدر حيدر ملاح تنظيمي رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر قادر مگسي سمورن ضلعي اڳواڻن کان تنظيمي ۽ سياسي صورتحال بابت معلومات حاصل ڪري خاص هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ 29 نومبر تي ڪراچي ۾ عوامي شرڪت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين انتظامن بابت مختلف ڪميٽيون قائم ڪيون ويون ۽ ضلعي اڳواڻن ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو عزم ورجايو. اجلاس ۾ شهيدِ سنڌ الطاف جسڪاڻي جي ڇهين ورسي جي مناسبت سان 19 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ ٿيندڙ عوامي جلسي جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ضلعي اڳواڻن کي خاص هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ ايس ٽي پي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، ولهار ڇڇر، عبدالفتاح ڳاهوٽي، ساقي منصور کوسو، جان محمد جوڻيجو، يونس اوٺو، امجد حسين مستوئي، علي جان ڇڇر، ايڊووڪيٽ محبوب سمون، مير محمد هڪڙو، ڪامريڊ جعفر سنڌي، فقير عبدالحڪيم نوحپوٽو، شاهد حسين لغاري، حاجي موسيٰ لڙڪو، عبيدالله ملاح، امداد ناريجو، ضامن علي نوٿياڻي، سرواڻ مگسي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.










