ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ شهرين کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ماحول کي سرسبز ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبا جاري آهن. مينگروو بايو ڊائيورسٽي پارڪ پڻ ان سلسلي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، جنهن کي جلد عوام لاءِ کوليو ويندو. نيٽي جيٽي پل ويجهو واقع هن پارڪ جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي شهرين، ٻارن ۽ خاندانن کي قدرتي ماحول ۾ سير ۽ تفريح جو هڪ منفرد موقعو فراهم ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ هڪ کان ٻن هفتن اندر پارڪ کي عوام لاءِ کولڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هي منصوبو ڪراچي ۾ ماحول جي تحفظ، قدرتي سونهن کي هٿي وٺرائڻ ۽ شهرين لاءِ بهتر تفريحي ماڳ فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي مينگروو بايو ڊائيورسٽي پارڪ جي دوري جي موقعي تي ميئر ڪراچي چيو ته هي منصوبو ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي انتظام هيٺ تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد شهر جي قدرتي ٻيلن ۽ حياتياتي تنوع کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ شهرين کي هڪ خوبصورت ۽ پرسڪون تفريحي ماڳ فراهم ڪرڻ آهي. هن منصوبي جي تڪميل ۾ سهڪار ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ تي طارق اليگزينڊر قيصر ۽ آواري خاندان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل سهڪار سان شهر ۾ مثبت ۽ تعميري منصوبن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي اهڙا تفريحي ماڳ فراهم ڪرڻ ضروري آهن، جتي اهي پنهنجي خاندان ۽ ٻارن سان گڏ معياري وقت گذاري سگهن ۽ قدرتي ماحول مان لطف اندوز ٿي سگهن.هن وڌيڪ چيو ته شهر جي خوبصورتي ۽ شهرين جي سهولت لاءِ روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري سان گڏ اسٽريٽ لائيٽن جي بحالي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. شاهراهه فردوسي تي اسٽريٽ لائيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي انجنيئرنگ ٽيم شهر جي 41 اهم شاهراهن تي اسٽريٽ لائيٽن جي بحالي ۽ تنصيب ذريعي روشني جو بهتر انتظام يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اهم شاهراهن تي روشني جي بهتر انتظام سان نه رڳو شهرين کي اچ وڃ ۾ سهولت ملندي، پر رات جي وقت ٽريفڪ جي رواني ۽ شهرين جي حفاظت کي پڻ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ميئر ڪراچي چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پڻ خاص قدم کنيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ فلاءِ اوورن ۽ انڊر پاسن جي روزاني بنيادن تي صفائي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ته جيئن انهن اهم هنڌن کي صاف سٿرو رکيو وڃي. ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته صفائي جي عمل کي بنا ڪنهن وقفي جي جاري رکيو وڃي ۽ شهر جي اهم هنڌن، شاهراهن ۽ عوامي گذرگاهن جي صفائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي رڳو روڊن ۽ پارڪن جي تعمير تائين محدود ناهي، پر صاف سٿرو ماحول، بهتر روشني، سرسبز ماڳ ۽ شهرين لاءِ معياري تفريحي سهولتون پڻ هڪ بهتر شهر جون بنيادي ضرورتون آهن. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن انهن سمورن شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.










