ٿي سگهي ٿو منهنجي علائقي واسي صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪن

ٿي سگهي ٿو منهنجي علائقي واسي صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪن

لاهور)ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو منهنجي علائقي جا ماڻهو نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪن، جڏهن ته ممڪن آهي ته ٻئي علائقي جا ماڻهو ان سان اتفاق نه ڪن.لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ريفرنڊم جو مقصد ئي ڪنهن مسئلي جو حل ڪڍڻ هوندو آهي. جڏهن عوام پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري ته پوءِ سندن نمائندن جي ڳالهائڻ يا نه ڳالهائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي.هن چيو ته ماڻهن جا مسئلا وڏا آهن ۽ تنهنجو منهنجو وارو بحث هاڻي پراڻو ٿيندو پيو وڃي.ملڪ محمد احمد خان چيو ته کيس مريم نواز جي حڪومت مان وڏيون اميدون آهن. گذريل 70 سالن کان 70 سيڪڙو آباديءَ کي انسان ئي نه پئي سمجهيو ويو، سندس ڳوٺن ۾ صحت جي نالي تي موت ورهايو پئي ويو، پر وڏي وزير پنجاب صحت جي شعبي ۾ سڄي صوبي اندر گهڻو ڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو