مڪاني چونڊون روڪرائڻ وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ

مڪاني چونڊون روڪرائڻ وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون روڪرائڻ ۽ چونڊن جو شيڊول معطل ڪرڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن جو شيڊول معطل نه ٿيو ته اميدوارن جا ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا هوندا.جسٽس عمير مجيد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٿو ته ان ۾ عدالت ڇا ڪري؟هن وڌيڪ چيو ته اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي ته چونڊن تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪري پوءِ چيو وڃي ته رڳو هڪ لک رپيا خرچ ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو