ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 8 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 8 جوابدار گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن کانپوءِ گهرن ۾ ڌاڙن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 5 زخمين سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس اختيارين موجب ڊفينس واري علائقي ۾ سي آر پٽا ويجهو مقابلي کانپوءِ گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ ۾ ملوث زخمي جوابدار سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن، جيڪي ٽن ورهين جي ٻار کي گڏ کڻي وارداتون ڪندا هئا.پوليس موجب جوابدارن جا ڇهه ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي. جوابدار هڪ گاڏي ۽ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هئا.زخمي جوابدار خرم شهزاد کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين جوابدارن نسرين ۽ صغريٰ کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن وٽان هڪ گاڏي، ٻه موٽرسائيڪلون، پستول، روڪ رقم ۽ نقلي زيور هٿ ڪيا ويا آهن. سندن وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف نارٿ ناظم آباد، گلشن معمار ۽ سپر هاءِ وي تي جمالی پل ويجهو پوليس مقابلن کانپوءِ شهرين کان ڦرلٽ ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب گرفتار جوابدارن جا ساٿي فرار ٿي ويا.ايم ٽي خان روڊ ويجهو پڻ مقابلي کانپوءِ زخمي جوابدار سميت ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو