190 ملين پائونڊ ڪيس  جون اپيلون 18 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

190 ملين پائونڊ ڪيس جون اپيلون 18 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي سزائن خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف 18 نومبر تي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندا.عدالت سزا خلاف داخل اپيلن تي وڪيلن کان دليل طلب ڪري رکيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو