خان جا سمورا معاملا عدالتن ذريعي حل ٿيڻا آهن: طارق فضل

خان جا سمورا معاملا عدالتن ذريعي حل ٿيڻا آهن: طارق فضل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جا سمورا معاملا عدالتن ذريعي ئي حل ٿيڻا آهن.صحافين سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته حڪومت جي نه ڪا ڊيل ڪرڻ ۽ نه ئي ڪا رعايت ڏيڻ جي پاليسي آهي.هن چيو ته هڪ طرف باني پي ٽي آءِ پاڻ کي آئرن مين ظاهر ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪومت سان رابطن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته حڪومت سان رابطن جون دعوائون سندن پنهنجي سياسي موقف جي ابتڙ آهن.وفاقي وزير واضح ڪيو ته هن وقت تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جا پس پرده يا سڌا رابطا نه پيا ٿين، اهڙن رابطن بابت خبرون حقيقت تي ٻڌل نه، پر رڳو خواهشن جو اظهار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو