ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل ڪيترين ئي ڪاررواين دوران هڪ ميجر سميت چار فوجي اهلڪار شهيد، جڏهن ته 24 دهشتگرد مارجي ويا، فوج جي ترجمان اداري ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو.
هڪ بيان ۾ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته 13 نومبر کان هٿياربند فوجون بلوچستان جي ڪولپور، ڪردگاپ ۽ نوشڪي جي علائقن ۾ ڪيتريون ئي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪري رهيون آهن. انهن ڪاررواين ۾ علائقن تي ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ ۽ ڪوئيٽا-تفتان قومي شاهراهه (اين-40) تي گشت ڪرڻ پڻ شامل آهي، ته جيئن ان کي مقامي ٽريفڪ لاءِ محفوظ بڻائي سگهجي ۽ فوجي ڪارروايون جاري رکي سگهجن.
آءِ ايس پي آر موجب، 13 ۽ 14 نومبر جي وچ واري رات ڪولپور ۾ سيڪيورٽي فورسز ”فتنه الهندستان“ (ايف ايڇ) سان واسطو رکندڙ ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ اٺ دهشتگردن کي ڪاميابيءَ سان ماري ڇڏيو، جن ۾ هڪ آپگهاتي بمبار پڻ شامل هو. ڪارروائي دوران هٿيارن ۽ گولين جو وڏو ذخيرو پڻ هٿ ڪيو ويو.
رياست بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن لاءِ ”فتنه الهندستان“ اصطلاح جو استعمال ڪيو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بدامني پکيڙڻ ۾ ڀارت جي مبينا ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 14 نومبر تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن هٿياربند ڪواڊ ڪاپٽر ڊرونز ذريعي گشت ڪندڙ فوجي گاڏين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ چڪوال ضلعي سان تعلق رکندڙ ميجر عمر منهاس ناصر ۽ ڪوٽلي ستيان سان واسطو رکندڙ حوالدار محمد عدنان خان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر چيو ته ”هن بزدلاڻي عمل سان سيڪيورٽي فورسز جو عزم ڪمزور نه ٿيو آهي. ڪاررواين جي رفتار برقرار رکي ويندي ۽ مقامي آباديءَ جي تحفظ ۽ دهشتگرديءَ جي ناسور جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ساڳئي جوش ۽ جذبي سان جاري رهنديون.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انهن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ان وقت تائين جاري رهندا، جيستائين خطري کي مڪمل طور ختم نه ڪيو وڃي.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ”ڀارت ۽ ٻين دشمن انٽيليجنس ادارن جي مدد سان فتنه الهندستان ڊرونز ۽ ٻين ٽيڪنيڪي ذريعن، جن ۾ هٿرادو تيار ڪيل ڌماڪيدار اوزار (آءِ اي ڊيز) پڻ شامل آهن، استعمال ڪري بيگناهه شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته جيئن علائقي ۾ امن ۽ معمول جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهجي.“
آءِ ايس پي آر ڀارت تي الزام لڳائيندي چيو ته اهو دهشتگردن کي مڪمل مالي مدد ۽ جديد ترين ٽيڪنيڪي اوزار فراهم ڪري رهيو آهي. اداري دعويٰ ڪئي ته ”سيڪيورٽي فورسز هن بدلجندڙ خطري کان مڪمل طور باخبر آهن ۽ دهشتگردن کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏينديون، ڀلي اهي ڪهڙا به ذريعا استعمال ڪن.“
آءِ ايس پي آر تصديق ڪئي ته وفاقي ايپڪس ڪميٽيءَ طرفان منظور ڪيل قومي ايڪشن پلان تحت ”عزمِ استحڪام“ جي ويزن موجب دهشتگرديءَ خلاف بنا وقفي جي جاري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.
فوج جي ترجمان اداري خبردار ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪارروايون پوري رفتار سان جاري رکندا.
اتر وزيرستان ۾ به ٻه فوجي اهلڪار شهيد، 16 دهشتگرد مارجي ويا
ان کان اڳ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو هو ته اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيترين ئي ڪاررواين دوران ٻه فوجي اهلڪار شهيد ۽ 16 دهشتگرد مارجي ويا.
فوج جي ترجمان اداري موجب، اتر وزيرستان جي مير علي، دتا خيل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوارج جي ڪيترن ئي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر چيو ته ”سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ گذريل 12 ڪلاڪن دوران علي خيل ۾ ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 12 خوارج، جن ۾ ٻه افغان شهري پڻ شامل هئا، ماريا ويا، جڏهن ته مير علي ۽ دتا خيل ۾ ٻن ٻن خوارج کي ختم ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح علائقي ۾ سرگرم خوارج جي نيٽ ورڪ کي وڏو ڌڪ رسيو.“
فتنه الخوارج اها اصطلاح آهي، جيڪا رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ دهشتگردن لاءِ استعمال ڪندي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، انهن ڪاررواين دوران 43 ورهين جي حوالدار عصمت علي ۽ 32 ورهين جي نائڪ آفتاب علي شهادت ماڻي.
بيان ۾ چيو ويو ته ”مارجي ويل ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم خوارج وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، جيڪي بيگناهه شهرين جي قتل سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا هئا.“
بيان موجب، انهن علائقن ۾ باقي بچيل ۽ لڪي ويٺل خوارج جي خاتمي لاءِ صفائيءَ جون ڪارروايون جاري رهنديون. ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ملڪ مان پرڏيهي سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.
’دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اڳڀرائي‘
صدر آصف علي زرداريءَ الڳ الڳ بيانن ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ فوجي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.
هن شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ته آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ”سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب“ آهن.
وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز جي پيشاوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ بروقت ڪارروائيءَ کي ساراهيو.
سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) موجب، وزيراعظم آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ”فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ، جيڪي ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم هئا، 16 دهشتگردن کي ختم ڪرڻ“ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته ”اسان جي بهادر سپاهين جون عظيم قربانيون دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جي قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.“ هن ورجايو ته ملڪ مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ان خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
وزيراعظم عزم ظاهر ڪيو ته ”پرڏيهي مدد سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ“ خلاف جنگ ان جي مڪمل خاتمي تائين پوري طاقت، پختي ارادي ۽ ثابت قدميءَ سان جاري رهندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته مستونگ جي ڪردگاپ واري علائقي ۾ فوجي قافلي تي ڊرون حملي ۾ ”بهادر فوجي اهلڪارن جي شهادت“ تي کيس گهرو ڏک پهتو آهي.
هن ”بزدلاڻي حملي“ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته قوم ”پنهنجي هٿياربند فوجن سان گڏ متحد آهي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي.“
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پنهنجي بيان ۾ اٺ دهشتگردن جي مارجڻ کي ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اهم اڳڀرائي“ قرار ڏنو.
ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ”بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي.“
شهيد ميجر ۽ حوالدار کي خراج تحسين پيش ڪندي وڏي وزير بگٽي لکيو ته ”رياست دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو.“
دهشتگرديءَ ۾ واڌ
اهي ڪارروايون ان کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪيون ويون، جڏهن آءِ ايس پي آر ٻڌايو هو ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين دوران 74 دهشتگرد مارجي ويا هئا.
جمعي ڏينهن اداري چيو هو ته خيبر پختونخوا ۾ 48 ڪلاڪن دوران ڪيل ڪاررواين ۾ 43 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 35 اتر وزيرستان جي مير علي ۽ اٺ اورڪزئي ضلعي ۾ ماريا ويا. ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 3 نومبر تي شروع ڪيل هڪ آپريشن دوران وڌيڪ 31 دهشتگرد ماريا ويا هئا.
نومبر 2022ع ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پاران حڪومت سان جنگبنديءَ جو معاهدو ختم ڪري حملن ۾ واڌ ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ پاڪستان ۾، خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز موجب، 30 آڪٽوبر کان 5 نومبر 2026ع تائين ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال ۾ خاصي غيريقيني ۽ ڦيرڦار نظر آئي. ان عرصي دوران خيبر پختونخوا ۽ اڳوڻن قبائلي ضلعن جي ڪجهه حصن ۾ دهشتگردن جون سرگرميون ٻيهر وڌيون، جڏهن ته دهشتگرديءَ خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آئي ۽ شدت پسندن جي تشدد جي طريقن ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ آئي.
اڳوڻن قبائلي ضلعن ۾ حملن جو انگ 8 مان وڌي 20 ٿي ويو، جڏهن ته بلوچستان ۾ صورتحال مختلف رهي. اتي حملن جو انگ گذريل هفتي جي 15 مان گهٽجي 11 ٿي ويو، پر فوتگين جو انگ پنج مان وڌي ست ٿي ويو.
هفتيوار واڌ اهڙي وقت سامهون آئي، جڏهن آڪٽوبر دوران دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ مهيني جي بنياد تي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايس پي آر موجب، هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پهرين نومبر تي بلوچستان جي ڪڇي ۽ خاران ضلعن ۾ ڪيل ٻن انٽيليجنس جي بنياد تي ڪاررواين دوران هڪ فوجي اهلڪار شهيد ۽ 17 دهشتگرد ماريا ويا هئا.










