آفريدي ۽ سواتي سميت 9، ا ڳواڻن جي حراست آئيني عدالت ۾ چئلينج

آفريدي ۽ سواتي سميت 9، ا ڳواڻن جي حراست آئيني عدالت ۾ چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس، ايڊووڪيٽ معظم بٽ جي ذريعي وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ حراست هيٺ سمورن چونڊيل عوامي نمائندن جي فوري آزادي ۽ کين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چونڊيل عوامي نمائندن کي حراست ۾ رکڻ عوام جي ڏنل مينڊيٽ کي غير اثرائتو بڻائڻ جي برابر آهي، جڏهن ته سياسي وابستگيءَ جي بنياد تي چونڊيل نمائندن کي نشانو بڻائڻ آئين جي آرٽيڪلز 4، 14، 17 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته حراست هيٺ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿي رکيو ويو آهي ۽ کين حراست ۾ رکڻ جي قانوني حيثيت بابت تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن.
درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪلز 232، 234 ۽ 245 تحت حاصل غير معمولي اختيار به بنيادي انساني حقن کان مٿانهان ناهن. گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سان شهرين جا بنيادي حق ختم نٿا ٿي وڃن، جڏهن ته حڪومت جا قدم وفاقي آئيني عدالت جي عدالتي جائزي جي دائري ۾ اچن ٿا.
آئيني درخواست موجب، پي ٽي آءِ جي باني محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي حڪومت سان ڳالهين جي ذميواري سونپي هئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رياستي مشينري کي سياسي اختلافن کي دٻائڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي غير اثرائتو بڻائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو