ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جي اسٽار شپ خلائي جهاز خلا مان زمين تي واپسيءَ جو پهريون ڪامياب تجربو ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، 22 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت خلا ۾ گذارڻ ۽ زمين جا 14 چڪر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسٽار شپ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ لانچنگ ٽاور تي واپس پهچي ويو.
اسٽار شپ جو اهو 15هون تجربو هو ۽ پهريون اهڙو تجربو هو، جنهن ۾ راڪيٽ جي ٻنهي حصن کي مڪمل طور واپس حاصل ڪرڻ جي اميد ڪئي وئي هئي. اسپيس ايڪس جو مقصد اسٽار شپ جي مٿئين ۽ هيٺئين ٻنهي حصن کي مڪمل طور ٻيهر استعمال جي قابل بڻائڻ آهي.
واضح رهي ته اسٽار شپ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور راڪيٽ قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ٻن حصن تي مشتمل آهي. انهن مان هڪ حصو سپر هيوي بوسٽر آهي، جيڪو هڪ وڏو راڪيٽ آهي ۽ ان ۾ 33 انجڻيون لڳل آهن، جڏهن ته ٻيو حصو اسٽار شپ اسپيس ڪرافٽ آهي، جيڪو بوسٽر جي مٿان موجود هوندو آهي ۽ بعد ۾ ان کان ڌار ٿي ويندو آهي.
اسٽار شپ جي خلا مان واپسيءَ جو تاريخي منظر ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي خلائي اداري ناسا ان ڪاميابيءَ جي آجيان ڪئي آهي. ناسا هن ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ تائين آرٽيمس مشن جي خلابازن کي چنڊ تي لاهڻ ۽ اتي مستقل قمري اڏو قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ اسٽار شپ کي اربين ڊالر ادا ڪري رهيو آهي.
هي راڪيٽ 120 ميٽر ڊگهو ۽ ان جو وزن 50 لک ڪلوگرام آهي، جڏهن ته ان کي بار بار استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.










