ايلس هوانگ گذريل سال ميگا سپيڊ مان استعيفيٰ ڏني هئي

ايلس هوانگ گذريل سال ميگا سپيڊ مان استعيفيٰ ڏني هئي

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)چين جي مبينا جاسوس ايلس هوانگ، جنهن جا لاڳاپا اينوڊيا جي اڳوڻي سربراهه جينسن هوانگ سان جوڙيا ويا آهن، گذريل سال آگسٽ ۾ ميگاسپيڊ ۾ پنهنجي انتظامي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. ڪمپني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.
اي آءِ چِپس ٺاهيندڙ دنيا جي وڏي ڪمپني اينوڊيا جي چيف ايگزيڪيوٽو جينسن هوانگ ان وقت استعيفيٰ ڏني، جڏهن خبرون سامهون آيون ته هن جا ايلس هوانگ سان گڏ پنهنجي هڪ ملازم سان به مبينا ناجائز جنسي لاڳاپا هئا.
سنگاپور ۾ قائم ڪمپني ميگاسپيڊ، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ اينوڊيا جي چِپس جي سڀ کان وڏي خريدار آهي. اينوڊيا ۾ سامهون آيل هن اسڪينڊل سبب سوال اٿيا آهن ته ڇا اعليٰ معيار جون اي آءِ چِپس، آمريڪا جي برآمدي پابندين باوجود، چين تائين پهچي ويون هيون؟
ڪمپني آچر ڏينهن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڪاروباري سرگرمين جي اندروني جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪمپني چيو ته اها اهڙين خبرن کان آگاهه آهي، جن ۾ سندس ڪاروبار، سپلاءِ چين ۽ عالمي آپريشنز بابت اهڙيون دعوائون ڪيون ويون آهن، جن جي تصديق لاءِ ڪو به قابلِ ڀروسي ثبوت موجود ناهي.
ڪمپني وڌيڪ چيو ته اها ”قانوني ۽ جائز ڪاروبار“ ڪري ٿي ۽ هن معاملي جي مڪمل اندروني جاچ لاءِ ٻاهرين قانوني صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.
جمعي ڏينهن آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ، صدر ٽرمپ جي ڪابينا ۾ شامل پنهنجي ساٿي هاورڊ لٽنڪ جي واپار واري کاتي تي الزام لڳايو ته هن اعليٰ معيار جي چِپس جي برآمد جي مناسب نگراني نه ڪئي.
بيسنٽ سي اين بي سي کي ٻڌايو ته ڪيترائي ادارا ”مهينن کان ميگاسپيڊ کي پابندي مڙهيل ادارن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ هئا، پر واپار واري کاتي وٽ حتمي فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي، تنهن ڪري اوهان کي ان جي اندروني طريقيڪار بابت کانئن ئي پڇڻ گهرجي.“
آمريڪا جي نام نهاد ”اينٽيٽي لسٽ“ ۾ شامل ڪمپنين ۽ ماڻهن سان آمريڪي واپار تي پابنديون يا سخت حدبنديون لاڳو ٿينديون آهن.
لٽنڪ کي ايندڙ مهيني سينيٽ جي بينڪنگ ڪميٽي آڏو بيان ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. کانئس سندس کاتي جي ان ڪردار بابت پڇاڻو ڪيو ويندو، جنهن تحت اينوڊيا کي پنهنجون جديد چِپس برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
ڪانگريس جي ٻين ڪميٽين پڻ لٽنڪ ۽ سندس کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اينوڊيا ۽ جينسن هوانگ سان لاڳاپيل سمورا رڪارڊ محفوظ رکيا وڃن.
ميگاسپيڊ تي شڪ آهي ته هن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ قائم پنهنجن ڊيٽا سينٽرن ذريعي چيني ڪمپنين کي اينوڊيا جي چِپس تائين پٺئين دروازي کان رسائي فراهم ڪئي. اينووڊيا تي چين کي پنهنجون جديد چِپس وڪڻڻ تي پابندي لاڳو آهي.
جيتوڻيڪ سنگاپور پرڏيهي ڪمپنين کي جديد اي آءِ چِپس منتقل ڪرڻ تي پابندي نٿو لڳائي، پر اهڙيون منتقليون آمريڪي برآمدي ضابطن جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
سنگاپور جو چوڻ آهي ته هو ٻين ملڪن پاران هڪ طرفي طور لاڳو ڪيل برآمدي پابندين تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار ناهي، پر سندس اختيار هيٺ ڪم ڪندڙ سڀني ڪمپنين کان توقع رکي ٿو ته اهي اهڙن ضابطن جو احترام ڪن.
ميگاسپيڊ چيو ته اها پنهنجي عالمي ڪاروباري سرگرمين ۽ سپلاءِ چين جي نگرانيءَ جا نظام اهڙي نموني جوڙي ۽ برقرار رکي ٿي، جو سمورن لاڳو قانونن ۽ ضابطن جي پابندي ٿي سگهي. ڪمپني موجب، ان ۾ آمريڪي برآمدي ضابطا ۽ هر ملڪ جا مقامي قانون پڻ شامل آهن، جتي اها ڪاروبار ڪري ٿي.
چين ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي ته ايلس هوانگ جاسوس آهي. چين آمريڪا کي خبردار پڻ ڪيو آهي ته هو هن اسڪينڊل کي اي آءِ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ”ٽيڪنالاجيءَ جي ناڪابندي“ لاڳو ڪرڻ لاءِ بهانو نه بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو