اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير دنيا جي 500 سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمان شخصيتن جي تازي فهرست ۾ سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد، توڙي ترڪيه جي صدر سان گڏ پهرين نمبر تي شامل آهن.
اها فهرست اردن جي گاديءَ واري شهر عمان ۾ قائم هڪ تحقيقي اداري رائل اسلامڪ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز سينٽر (RISSC) تيار ڪئي آهي. اهو ادارو 2009ع کان هر سال ”500 سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمان“ جي عنوان سان رپورٽ شايع ڪندو اچي ٿو، جنهن ۾ انهن شخصيتن کي مڃتا ڏني ويندي آهي ۽ نمايان ڪيو ويندو آهي، جن مسلمان برادرين لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
رپورٽ جي هن ايڊيشن موجب، پهريون ڀيرو فهرست ۾ سڀ کان مٿانهين درجي تي هڪ کان وڌيڪ شخصيتن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جنهن جو سبب پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي مڃيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”جيتوڻيڪ گڏيل طور پهرين نمبر تي پنج شخصيتون شامل آهن، پر حقيقت ۾ انهن کي ٽن گڏيل داخلائن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي ان ڳالهه ۾ وڏي تبديليءَ جي نمائندگي ڪن ٿيون ته مسلمان ملڪ هڪ ٻئي جي تحفظ لاءِ ڪيئن گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن تاريخي فيصلي جو بنيادي سبب مڪي گڏيل دفاعي معاهدو آهي.“
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”اهو گڏيل دفاعي معاهدو سعودي عرب جي بي پناهه دولت، ترڪيه جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيداواري صلاحيت، توڙي پاڪستان جي طاقتور فوجي قوت کي هڪ گڏيل اتحاد ۾ متحد ڪري ٿو.
”سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ’هڪ سڀني لاءِ ۽ سڀ هڪ لاءِ‘ واري اصول تي ٻڌل هن معاهدي علائقائي سياست کي مڪمل طور نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي.“
فهرست ۾ چوٿين ۽ پنجين نمبر تي ايران جا سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي ۽ اردن جا بادشاهه عبدالله ٻيون ترتيبوار شامل آهن.
قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ڇهين نمبر تي، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان 12هين نمبر تي آهي. مصر جو صدر عبدالفتاح سعيد السيسي 22هين نمبر تي رکيو ويو آهي.
پاڪستاني عالم شيخ محمد تقي عثماني کي دنيا جو ستون سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمان قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عالم مولانا طارق جميل 32هين نمبر تي آهن.
فٽبالر محمد صلاح 39هين نمبر تي آهي.
فلسطين جو صدر محمود عباس 45هين نمبر تي شامل آهي، جڏهن ته شام جو عبوري صدر احمد الشرع 46هين نمبر تي آهي.
نيويارڪ شهر جي ميئر ظهوران ممداني کي فهرست ۾ 49هين سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمان شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.
سياست جي شعبي ۾ اعزازي ذڪر هيٺ حماس جي سربراهه خليل الحيه، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، لنڊن جي ميئر صادق خان ۽ آمريڪي سينيٽر چونڊيل عبدالالسيد جا نالا شامل آهن.
”سماجي مسئلن، سائنس، فن ۽ ثقافت، ميڊيا ۽ راندين“ جي شعبي ۾ اعزازي ذڪر هيٺ اردن جي راڻي رانيا العبدالله، برطانوي موسيقار سامي يوسف، فلسطيني صحافي بيسان عوده، برطانوي-آمريڪي براڊڪاسٽر ۽ صحافي مهدي حسن ۽ مصري ڪاميڊين باسم يوسف شامل آهن.










