مريم نواز معافي وٺي، پي ايم ايم ايل پاران نوٽيس جاري

مريم نواز معافي وٺي، پي ايم ايم ايل پاران نوٽيس جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ (پي ايم ايم ايل) ڇنڇر ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي قانوني نوٽيس جاري ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته هوءَ پارٽيءَ کي ”دهشتگرد، غيرقانوني ۽ پابندي مڙهيل“ تنظيم قرار ڏيڻ بابت پنهنجا مبينا بيان واپس وٺي، سوشل ميڊيا تان تڪراري مواد هٽائي ۽ ستن ڏينهن اندر غيرمشروط طور عوامي معافي وٺي.
پي ايم ايم ايل جي صدر خالد مسعود سَنڌو جي طرفان وڪيلن جي هڪ ٽيم ذريعي جاري ڪيل نوٽيس ۾ مريم نواز تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۽ عوامي تقرير دوران بدنام ڪندڙ بيان ڏنا، جيڪي بعد ۾ ٽيليويزن چئنلن تي بار بار نشر ڪيا ويا.
پارٽي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نوٽيس ملڻ کان ستن ڏينهن اندر سندس مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هوءَ لاڳاپيل اختيار رکندڙ عدالتن ۾ مناسب قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي، جنهن جا سمورا خرچ ۽ نتيجا مريم نواز جي ذميواري هوندا.
اها قانوني ڪارروائي 8 نومبر تي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 77 گوجرانوالا ۾ ٿيل ننڍي چونڊ کانپوءِ حڪمران مسلم ليگ (ن) ۽ پي ايم ايم ايل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ سامهون آئي آهي. مسلم ليگ (ن) اها سيٽ برقرار رکي، جنهن ۾ سندس اميدوار راشد بشير ورڪ 43,365 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته پي ايم ايم ايل جي اميدوار ابراهيم گجر کي 30,218 ووٽ مليا. پي ايم ايم ايل چونڊ نتيجن کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي ته حقيقت ۾ سندس اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ 50 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو.
ان کانپوءِ مريم نواز ۽ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پي ايم ايم ايل جي سياسي حيثيت تي سوال اٿاريا ۽ الزام لڳايو ته پابندي مڙهيل تنظيمون نون نالن سان سرگرم آهن.
پي ايم ايم ايل جو موقف آهي ته اها اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) وٽ قانوني طور رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي ۽ 2022ع کان ڪم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو