راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ميڊيم فاسٽ بالر عامر جمال چيو آهي ته گاهه واريون پچون تيار ڪرڻ فاسٽ بالرَن لاءِ هاڪاري قدم آهي، ڪرڪيٽ سندس جنون آهي ۽ هو ڪڏهن به مايوس نٿو ٿئي.راولپنڊي ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر جمال چيو ته گاهه واري پچ تي آخري ڏينهن تائين فاسٽ بالرَن کي مدد ملندي، جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ جي پچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان تبديلي ايندي.هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ به اهڙيون پچون تيار ڪيون ويون هيون. هو هميشه ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ ان جو ڪو به ميچ نٿو ڇڏي.فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيس تمام گهڻو فائدو پهچايو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ فاسٽ بالرَن جي شاندار تاريخ رهي آهي.عامر جمال چيو ته سندس ڪم ميدان ۾ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي ۽ هو انٽرنيشنل توڙي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ هڪ ئي جذبي سان کيڏندو آهي. ڪرڪيٽ سندس جنون آهي، تنهنڪري هو ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيندو.هن چيو ته بابر اعظم جنهن بال تي آئوٽ ٿيو، اهو تمام سٺو بال هو، اهڙي بال تي 99 رنسن تي به رانديگر آئوٽ ٿي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به مخالف ٽيم کي آسان ناهن ورتو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻيهر شاندار واپسي ڪري سگهجي ٿي. پهرين اننگز جي برتري آخري ڏينهن پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.واضح رهي ته راولپنڊي ۾ سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ سريلنڪا جي ٽيم 98 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن دوران عامر جمال ٽن سريلنڪن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.










