بشريٰ بي بي کي هر قسم جون امڪاني سهولتون ڏيڻ جو حڪم

بشريٰ بي بي کي هر قسم جون امڪاني سهولتون ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي کي جيل ۾ هر قسم جون امڪاني سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، بشريٰ بي بي جون ميڊيڪل رپورٽون طلب ڪرڻ جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي.عدالت ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي کي جيل ۾ هر قسم جي امڪاني سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته بشريٰ بي بي جي لاءِ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر گهرجي ته ڊاڪٽر مهيا ڪيو وڃي، بشريٰ بي بي جي سيل ۾ ڪنهن به قسم جي سهولتن معاملو آهي ته اهو به حل ڪيو وڃي.انهي کان اڳ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي وڪيلن اڄ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ دليل شروع نه ڪيا، لطيف کوسه ٻڌڻي جي شروعات تي چيو ته بشريٰ بي بي طرفان نئين درخواست به جمع ڪرائي وئي آهي، هاڻ جيڪا ڪيفيت آهي انهي سان اکين کان به محروم ٿي سگهي ٿي.چيف جسٽس چيو ته اوهان انهي بابت خط لکرايو آهي، جسٽس سرفراز ڊوگر بيرسٽر سلمان صفدر کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان هڪ لفظ نه ڳالهائيندا، اهو چيف جسٽس جو آرڊر آهي ته اوهان اپيلن تي دليلن جي شروعات ڪريو، يقين دهاني ڪرايان ٿو ته مان مڪمل انصاف ڏيندس جيڪو هن عدالت جي اختيار ۾ آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 7 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو