ايپيڪ عالمي سمٽ، ٽرمپ جي پيوٽن ۽ شي جنپنگ سان ملاقات
APEC group photo

ايپيڪ عالمي سمٽ، ٽرمپ جي پيوٽن ۽ شي جنپنگ سان ملاقات

شينزن(ويب ڊيسڪ)جيتوڻيڪ صدر شي جن پنگ، شينزن ايئرپورٽ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو غيرمعمولي ذاتي استقبال ڪيو، پر هو آمريڪي معاشي پابندين ۽ بندشن تي سخت تنقيد ڪرڻ جي معاملي ۾ صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ بيٺل آهي.
اڄ صبح ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ ڪو آپريشن (APEC) جي چيف ايگزيڪيوٽوز واري سربراهي اجلاس ۾ شي جن پنگ ”آزاد ۽ کليل واپار“ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته پيوٽن پابندين باوجود روس جي ثابت قدميءَ کي ساراهيو.
يوڪرين ۾ ماسڪو جي جنگ سبب روس جي فوجي، ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن کي پابندين جو نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف، چين کي انساني حقن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ فوجي ترقيءَ سان لاڳاپيل پابندين ۽ بندشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
شي جن پنگ واشنگٽن ڊي سي طرفان لاڳو ڪيل پابندين تي بار بار تنقيد ڪندو رهيو آهي، ايپيڪ جي هن اجلاس ۾ به ۽ ٻين موقعن تي به. بيجنگ جو چوڻ آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ٻاهر لاڳو ڪيل هڪ طرفين پابندين کي تسليم نٿو ڪري. چين ۽ روس ٻنهي وٽ سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو جو اختيار موجود آهي.
شنگهائي ۾ روس بابت ماهر ڊاڪٽر وان چنگسونگ جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن کي وڌندڙ دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سپلاءِ چين جا عالمي نيٽ ورڪ ورهائجي رهيا آهن ۽ حڪومتون خاص طور تي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ پنهنجين صنعتن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن.
اوڀر چين نارمل يونيورسٽي جي روس اسٽڊيز سينٽر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر وان چوي ٿو ته، ”چين ۽ روس لاءِ وڌيڪ ويجهو سهڪار رڳو هڪ ٻئي لاءِ معاشي فائدي جي ڳالهه ناهي، پر اهو عالمي معاشي خطرن کان بچاءَ جو هڪ طريقو پڻ آهي.“
ٽرمپ چين جي شهر شينزن پهچي ويو
صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايشيا پئسفڪ اقتصادي سهڪار (ايپيڪ) جي اڳواڻن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي شهر شينزن پهچي ويو آهي.
ٽرمپ آمريڪا جو پهريون ويٺل صدر آهي، جيڪو هن شهر جو دورو ڪري رهيو آهي. شينزن کي چين جي ”سليڪون ويلي جي جواب“ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ملڪ جي وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو مرڪز آهي.
ٽرمپ جي هن ٽيڪنالاجي مرڪز واري دوري دوران سندس چين جي اڳواڻ شي جن پنگ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات جو به امڪان آهي.
ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ملاقات
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي شهر شينزن ۾ ايشيا پئسفڪ اقتصادي سهڪار (ايپيڪ) جي اڳواڻن جي آجيان لاءِ منعقد ڪيل آجياڻي واري تقريب ۾ پهچڻ کان ٿوري دير پوءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان هٿ ملايو.
تقريب ۾ پهچڻ وقت دنيا جا سڀئي اڳواڻ ڳاڙهي قالين وڇايل رستي تان گذري اندر داخل ٿيا. ٽرمپ جي اچڻ وقت سازن جي هڪ ٽولي ”آمريڪا دي بيوٽيفل“ ڌن وڄائي. ٽرمپ ڪجهه دير بيهي موسيقيءَ مان لطف اندوز ٿيو، هلڪيون تاڙيون وڄايائين ۽ مُڪ اڀاريائين، جنهن کان پوءِ تصويرن لاءِ سڌو ڪيمرائن ڏانهن منهن ڪيائين.
هر اڳواڻ جو نالو لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪري متعارف ڪرايو ويو ۽ پوءِ هو چين جي اڳواڻ شي جن پنگ ۽ سندس گهرواري پينگ لي يوان سان هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو. اهي ٻئي هن گڏجاڻيءَ جي ميزباني ڪري رهيا آهن.
شي جن پنگ هر اڳواڻ جو انفرادي طور استقبال ڪرڻ کان پوءِ سڀئي اڳواڻ گڏجي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ بيٺا. پيوٽن تيزيءَ سان ٽرمپ ڏانهن وڌيو ۽ ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايو ۽ ڪجهه جملن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايپيڪ سربراهي اجلاس ڇا آهي؟
دنيا جي مختلف ملڪن جا اڳواڻ، جن ۾ سربراهه مملڪت، ڪاروباري ادارن جا سربراهه، پاليسي ساز ۽ ٻيا شامل آهن، هن هفتي شينزن ۾ ايپيڪ نالي گروپ جي سالياني سربراهي اجلاس لاءِ گڏ ٿيا آهن.
ايشيا پئسفڪ اقتصادي سهڪار (APEC) 21 ميمبرن تي ٻڌل هڪ اتحاد آهي، جنهن ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي واقع وڏيون معيشتون شامل آهن، جهڙوڪ آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، روس، چين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻيا ملڪ. آمريڪا جي واپاري نمائندي جي آفيس موجب، هي گروپ دنيا جي مجموعي جي ڊي پي جو 61 سيڪڙو ۽ عالمي واپار جو 47 سيڪڙو حصو رکي ٿو.
هن گروپ جا ميمبر هر سال واري باري سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندا آهن، جنهن ۾ نمائندا واپار، صنعت، علائقائي ڇڪتاڻ ۽ سلامتيءَ بابت معاملن تي بحث ڪندا آهن.
هن سال چين اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جيڪو هانگ ڪانگ جي سرحد ڀرسان ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ قائم ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي پيداوار جي وڏي مرڪز ۾ ٿي رهيو آهي.
اجلاس جي شيڊيول ۾ ڪيتريون ئي تقريبون شامل آهن، پر سڀ کان وڌيڪ ڌيان اڄ ۽ سڀاڻي ٿيندڙ اقتصادي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ تي هوندو، جنهن ۾ سربراهه مملڪت شرڪت ڪندا ۽ اجلاس جي موقعي تي اهم نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون.
ماضيءَ ۾ ايپيڪ جا سربراهي اجلاس اهم نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيا آهن. مثال طور، 2018ع ۾ آمريڪا ۽ چين جي اڳواڻن ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران سخت لفظن تي ٻڌل تقريرون ڪيون هيون. ان موقعي تي 25 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گروپ گڏيل پڌرنامي تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو.
گذريل سال ٽرمپ ايپيڪ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، پر ان کان ٿورو اڳ شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪيترن مهينن کان جاري واپاري محصولن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدو طئي ٿيو هو.
شينزن: چين جي جديد ترقيءَ جو نمونو
ڊونلڊ ٽرمپ شينزن پهچڻ سان آمريڪا جو پهريون صدر آهي، جيڪو هن شهر جو دورو ڪندو. ايپيڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندڙ چين جو اڳواڻ شي جن پنگ هن شهر ذريعي پنهنجي ملڪ جي جديد ترقيءَ جي هڪ ننڍڙي تصوير پيش ڪندو، جنهن ۾ اعليٰ سطحي منصوبابندي، تيز رفتار ٽيڪنالاجي ترقي ۽ دولت جي تيزيءَ سان پيدا ٿيڻ جا مثال شامل آهن.
هتي ٽرمپ کي چين جي سليڪون ويلي ملندي؛ اهڙو شهر، جيڪو ٽيڪنالاجيءَ جي صنعتڪارن، کاڌو پهچائيندڙ ڊرونز ۽ دنيا جي تيز ترين سپر ڪمپيوٽر جو مرڪز آهي.
هي اهو شهر آهي، جتان ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيترين ئي ترقيَن جي شروعات ٿي، جن خام مال، جديد چِپس ۽ منافعي بخش مارڪيٽن تائين رسائيءَ جي معاملي تي ٽرمپ ۽ شي جن پنگ کي هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو آهي.
جيڪڏهن توهان شينزن جي 18 ملين رهواسين مان ڪنهن سان به ڳالهائيندا ته هو فخر سان ٻڌائيندو ته هي هڪ ”معجزاتي شهر“ آهي. رڳو چئن ڏهاڪن ۾ تمر جي ٻيلن ۽ آبي علائقن کي ترقي ڏئي ٺاهيل هن چمڪندڙ شهر ۾ نيويارڪ کان به وڌيڪ اونچيون آسمان کي ڇهندڙ عمارتون آهن، جڏهن ته شڪاگو جي ڀيٽ ۾ انهن جو انگ لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا آهي. اها ڄاڻ ڪائونسل آن ورٽيڪل اربنزم موجب آهي.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ چين جي ان وقت جي اڳواڻ ڊينگ شيائو پنگ هانگ ڪانگ کان ٿوري فاصلي تي واقع هن شهر کي آزاد منڊيءَ جي معيشت جو تجربو ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو، جنهن جو مقصد پرڏيهي سرمايو راغب ڪرڻ هو.
هاڻي شينزن ۾ قائم ٿيل ڪمپنيون دنيا جي مشهور ترين ڪمپنين ۾ شمار ٿين ٿيون. هواوي دنيا جي وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين مان هڪ آهي. بي واءِ ڊي گذريل سال ايلون مسڪ جي ٽيسلا کي پوئتي ڇڏي برقي گاڏين جو دنيا جو سڀ کان وڏو وڪرو ڪندڙ ادارو بڻجي ويو. ٽينسينٽ وٽ سماجي رابطن جي وڏي ايپ وي چيٽ آهي، جڏهن ته ڊي جي آءِ دنيا ۾ ڊرون ٺاهڻ واري سڀ کان وڏي ڪمپني آهي.
شينزن جي دولت قومي سراسريءَ کان ٻيڻي کان به وڌيڪ
گذريل چئن ڏهاڪن دوران شينزن چين جي امير ترين شهرن مان هڪ بڻجي ويو آهي. هتي في ماڻهو جي ڊي پي 213,763 يوآن آهي، جيڪا 32,045 آمريڪي ڊالرن جي برابر آهي. اها رقم چين جي قومي سراسريءَ کان 2.14 ڀيرا وڌيڪ آهي.
اهو به پهريون ڀيرو آهي ته آمريڪا جي ڪنهن صدر هڪ سال ۾ ٻه ڀيرا چين جو دورو ڪيو آهي. هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن چين ۽ آمريڪا ۾ مختلف معاملن تي اختلاف آهن، ايران جنگ سبب ٻه مکيه سامونڊي لنگهه هرمز ۽ باب المندب بند آهن.
آمريڪا ۽ چين ۾ سپر آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ميدان ۾ مقابلو تيز آهي، آمريڪا ۾ انٽيليجنس اداري جي ڪميونيڪيشن ۾ خرابي جون خبرون آهن، مائيڪرو سافٽ جي سرور ڊائون ٿيڻ سبب آمريڪي ايئرلائينز، انشورنس ڪمپنين جي ڪميونيڪيشن نظامن جي ويهجي وڃڻ جون خبرون عام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو