ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ووهان جي گڏيل شهري انتظامي نظام جي طرز تي ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ شهري گورننس، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ادارتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. ڪراچي ڪائونسل آن فارين رليشنز (KCFR) پاران مقامي هوٽل ۾ ”چين جي گورننس کي سمجهڻ ۽ پاڪ-چين تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ“ جي عنوان هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي، وڏي وزير چيو ته ڊگهي مدي واري منصوبابندي، کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ غربت جي خاتمي بابت چين جو تجربو سنڌ لاءِ قيمتي سبق فراهم ڪري ٿو. سيمينار ۾ چين جي قائم مقام قونصل جنرل ڊاڪٽر فينگ ڊيهينگ، KCFR جي چيئرپرسن نادره پنجواڻي، سفارتڪارن، سرڪاري آفيسرن ۽ مختلف شعبن جي نمائندن شرڪت ڪئي. پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جو ذڪر ڪندي، مراد علي شاهه چيو ته هوبي ۽ شنگهائي جي سندس تازي دوري اهو سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ته چين جي گورننس سسٽم پاليسي فيصلن کي شهرين جي زندگين ۾ عملي بهتري ۾ ڪيئن تبديل ڪيو آهي. هن چين جي ترقياتي ماڊل مان ٽن اهم سبقن جي نشاندهي ڪئي: پاليسين ۾ تسلسل، سرڪاري کاتن جي وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي ۽ عام ماڻهن لاءِ واضح ۽ ماپي سگهجندڙ نتيجن تي ڌيان ڏيڻ.
ڪراچي لاءِ ووهان ماڊل: ووهان جي سٽي آپريشن اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته مختلف سرڪاري کاتا هڪ گڏيل نظام ذريعي ڪم ڪري رهيا هئا جنهن سان اختيارين کي شهري مسئلن جي نگراني ڪرڻ، خطرن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو تڪڙو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي هئي. هن تجويز ڏني ته اهڙي ئي قسم جو هڪ نظام پائليٽ پروجيڪٽ طور ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ متعارف ڪرايو وڃي، جنهن جي شروعات روزمره جي مسئلن جهڙوڪ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ۽ روڊن تي پاڻي جمع ٿيڻ جهڙن مسئلن کان ڪئي وڃي. هن پائليٽ پروجيڪٽ تحت شڪايتون وصول ڪرڻ، لاڳاپيل کاتن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ وقت سر جوابدهي يقيني بڻائڻ لاءِ واضح ذميواريون مقرر ڪيون وينديون. چيني ميونسپل ماهر، پاڪستاني آفيسر، انجنيئر ۽ يونيورسٽيون گڏجي هي نظام تيار ڪري سگهن ٿا ۽ مقامي ٽيمن کي تربيت ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته هن پائليٽ پروجيڪٽ جي ڪاميابي جو اندازو جوابي ڪارروائي جي وقت ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري مان لڳايو ويندو، جنهن کانپوءِ ان کي ٻين علائقن تائين وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو.
چين جو غربت جي خاتمي وارو تجربو ۽ ٿر: وڏي وزير غربت جي خاتمي ۾ چين جي شاندار اڳڀرائي کي اجاگر ڪندي چيو ته چين جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته زرعي پيداوار، صنعتڪاري، روزگار جا موقعا ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ڳوٺاڻن علائقن جي ڪايا ڪلپ ڪيئن ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ وسيع معاشي موقعن سان گڏوگڏ پوئتي پيل طبقن جي خاص سار سنڀال ڪندي چين جي طريقيڪار مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿي. ٿر جو حوالو ڏيندي جتي پاڪستاني ۽ چيني ڀائيوار سي پيڪ (CPEC) تحت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، هن زور ڏنو ته ترقي جا عملي فائدا مقامي ماڻهن تائين ضرور پهچڻ گهرجن. هن چيو ته منصوبن جو جائزو رڳو انهن جي معاشي پيداوار مان نه ورتو وڃي، پر مقامي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ روزگار جي موقعن، مقامي ڪاروبار جي شموليت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي توڙي عوامي خدمتن ۾ بهتري جي بنياد تي پرکيو وڃي. مضبوط ادارتي ۽ عوامي سطح جا لاڳاپا
مراد علي شاهه ڪراچي ۽ شنگهائي جي وچ ۾ پائيدار تعاون تي زور ڏنو، جن جي وچ ۾ 1984ع کان سسٽر سٽيز وارا لاڳاپا قائم آهن. هن گڏيل چيلينجن خاص طور تي پاڻي جي انتظام ۽ شهري ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ميونسپل اختيارين جي وچ ۾ گڏيل قدمن جي تجويز ڏني. هن يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون جي موقعن کي به اجاگر ڪيو، جن ۾ سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽي سان استادن جي تربيتي پروگرامن ۽ هائبرڊ چانورن، ٻجن جي پيداوار ۽ جديد زرعي طريقن تي ٻڌل زرعي تحقيق جي ڀائيواري شامل آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ هوبي جي وچ ۾ تجويز ڪيل گڏيل تعاون ڪائونسل انهن قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ باقاعده ادارتي پليٽ فارم فراهم ڪري سگهي ٿي.
نادره پنجواڻي پاران وڌيڪ مضبوط رابطن جو سڏ: KCFR جي چيئرپرسن نادره پنجواڻي پنهنجي خطاب ۾ چين جي گورننس واري تجربي کي سمجهڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي دوستي قائم آهي ۽ هن سيمينار جهڙا پليٽ فارم گڏيل سمجهه کي وڌائڻ، تجربن جي مٽاسٽا ڪرڻ ۽ عملي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو اسان کي سفارتي رابطن کان اڳتي وڌي پنهنجي ادارن، يونيورسٽين، ڪاروبارن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ گهرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن لاءِ پائيدار موقعا پيدا ٿي سگهن. چين جي قائم مقام قونصل جنرل پاران چين جي ترقياتي سفر تي روشني
چين جي قائم مقام قونصل جنرل ڊاڪٽر فينگ ڊيهينگ معاشي ترقي، غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي جي اڳڀرائي ۽ سماجي ترقي ۾ چين جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته چين سڌارن ۽ کليل پاليسين جي چئن ڏهاڪن دوران 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي جيڪو عالمي سطح تي غربت جي خاتمي ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو آهي. هن زور ڏنو ته چين جي ترقياتي تجربي ۾ سائنسي منصوبابندي کي عملي نفاذ سان، پاليسين جي تسلسل کي ادارتي هم آهنگي سان ۽ سرڪاري قدمن کي عوامي شموليت سان جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته چين ترقياتي رستي جي حوالي سان پاڪستان جي آزادانه چونڊ جو احترام ڪري ٿو ۽ ترقياتي موقعا ۽ گورننس جا تجربا ونڊڻ لاءِ تيار آهي. سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جو ذڪر ڪندي، هن وڌيڪ جامع تعاون، مضبوط عوامي رابطن ۽ سي پيڪ 2.0 جي اعليٰ معيار واري ترقي تي زور ڏنو.
وڏي وزير جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه:
سيمينار کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه مخصوص سيٽن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ذريعي ڀرتين، سياسي ڇڪتاڻ ۽ نون صوبن جي قيام بابت سوالن جا جواب پڻ ڏنا. مخصوص سيٽن جي مسئلي تي تبصرو ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ پي پي پي جي هن انتظام مان فائدو وٺڻ جي باوجود معاملي جي حقيقت کي سامهون آندو آهي. هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم جي منظوري يقيني بڻائڻ لاءِ مخصوص سيٽون زبردستي ورهايون ويون هيون جنهن کان سواءِ اها ترميم منظور نه ٿي سگهي ها. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ذريعي ڀرتين جي حوالي سان مراد علي شاهه واضح ڪيو ته اميدوارن پاران امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ لسٽ تيار ڪئي وئي ۽ اميدوارن جي حاصل ڪيل مارڪن موجب مقرريون ڪيون ويون. هن ڀرتين خلاف احتجاج ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي ٻيهر درخواست ڏين ۽ چيو ته جيڪڏهن اهي ميرٽ تي پورا لهندا ته کين به سرڪاري نوڪريون ملي سگهن ٿيون. خونريزي بابت بلاول ڀٽو زرداري جي بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾، وڏي وزير سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪراچي ۾ خونريزي ناهي ٿي؟ هن چيو ته جڏهن به ڪراچي کي لساني بنيادن تي ورهائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ته ان جي نتيجي ۾ تشدد ڀڙڪيو، ۽ وڌيڪ چيو ته بلاول جي بيان کي انهيءَ پسمنظر ۾ سمجهڻ گهرجي. نون صوبن جي قيام جي مسئلي تي مراد علي شاهه چيو ته ڪو به فرد هڪطرفي طور نئون صوبو نٿو ٺاهي سگهي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي ڪنهن به تجويز لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي. وفاقي وزير احسن اقبال تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته کيس صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پهرين پاڻ کي صوبائي اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر بڻجي ڏيکارڻ گهرجي. نسلن کان قائم دوستي: پاڪ-چين دوستي جو بنياد رکڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار کي ياد ڪندي وڏي وزير چيو ته ايندڙ نسلن ان لاڳاپي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. يانگزي ۽ سنڌو درياهن جي ڀيٽ ڪندي جيڪي لکين ماڻهن جي زندگي جو سهارو آهن، هن چيو ته گڏيل چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آفيسرن، انجنيئرن، استادن، شاگردن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي گڏ آڻي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. هن سيمينار منعقد ڪرڻ تي چيني قونصل جنرل ۽ KCFR جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ”پاڪ-چين دوستي زنده باد“ ۽ ”پاڪستان پائنده باد“ جي نعرن سان پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي. پروگرام ۾ پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا، چين جي گورننس ماڊل تي ڊاڪيومينٽري، معزز مقررن جا خطاب، شيلڊن جي تقسيم ۽ گروپ فوٽوگرافي پڻ شامل هئي.










