غوثپور ۾ آپريشن،ڏوھاري مارجي ويو

غوثپور ۾ آپريشن،ڏوھاري مارجي ويو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور. ڪشمور ضلعي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي هدايتن تي جمال ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ ڪوڪاري نندواڻي گينگ خلاف پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران پوليس ۽ مبينا ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس مقابلي جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو پوليس موجب مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري جو لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي مارجي ويل جي سڃاڻپ آچر ڪوڪاري نندواڻي طور ٻڌائي پئي وڃي پوليس پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جون وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ امن امان خراب ڪندڙ ڏوهاري عنصرن خلاف ڏوهارين جي خاتمي ۽ ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ تائين ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ ڏوهاري عنصرن جي زنده يا مرده گرفتاري تائين پوليس جو آپريشن جاري رکيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو