26 ۽ 27هين ترميمن سان عدليھ  جي آزادي متاثر ٿي: آءِ سي جي

26 ۽ 27هين ترميمن سان عدليھ جي آزادي متاثر ٿي: آءِ سي جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي عدليه جي آزادي کي منظم طريقي سان ڪمزور ڪيو ويو آهي، جنهن سان عدليه تي انتظاميا جو ڪنٽرول وڌي ويو آهي. انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته انهن آئيني تبديلين سبب اعليٰ عدالتن جي حڪومت کان احتساب وٺڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اثرائتو انصاف فراهم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي آهي. رپورٽ موجب آڪٽوبر 2024ع ۾ 26هين ۽ نومبر 2025ع ۾ 27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽون ۽ نئين قائم ڪيل وفاقي آئيني عدالت عالمي قانونن جي معيارن موجب آزاد ناهن رهيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي تبديليون گڏيل قومن جي اصولن ۽ شهري توڙي سياسي حقن بابت عالمي معاهدي (ICCPR) جي آرٽيڪل 14 سان مطابقت نٿيون رکن. رپورٽ موجب 27هين آئيني ترميم تحت آئيني معاملن ۽ بنيادي حقن جي تشريح جا اختيار سپريم ڪورٽ کان کسي وفاقي آئيني عدالت حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ان عدالت جا فيصلا سپريم ڪورٽ سميت ملڪ جي سمورين عدالتن تي لاڳو ٿين ٿا. انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس وڌيڪ نشاندهي ڪئي آهي ته وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس ۽ شروعاتي ججن جي مقرري وزيراعظم جي مشوري تي صدر طرفان ڪئي وئي، جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ سياسي ميمبرن جي اڪثريت شامل ڪرڻ سان ججن جي مقرري واري عمل ۾ انتظاميا جو اثر وڌايو ويو آهي. رپورٽ ۾ انهن تبديلين کي عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو