تنگواڻي:(ن س) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پکڙجي وئي.تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد هزارو شاخ وٽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي.فائرنگ جي نتيجي ۾ حاڪم پٽ صوڀو نندواڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيوواقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کي تحويل وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو.










