اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي انتظامي يونٽن جي قيام واري معاملي تي سياست ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ 70 سيڪڙو حڪمراني پيپلز پارٽي وٽ آهي، پوءِ اها حڪومتي ذميوارين کان لاتعلقي ڪيئن ظاهر ڪري سگهي ٿي؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته ٽن صوبن جا سربراهه پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا، گلگت بلتستان ۾ به ساڳي جماعت جي حڪومت آهي، جڏهن ته چيئرمين سينيٽ ۽ صدر پاڪستان جو تعلق پڻ پيپلز پارٽي سان آهي.هن چيو ته ايترا اهم حڪومتي عهدا پيپلز پارٽي وٽ هجڻ باوجود حڪومت کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟انتظامي يونٽن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو مقصد انهن علائقن ۾ حڪومتي نظام بهتر بڻائڻ آهي، جتي عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن.طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن ته سندس وڪيل دليل ڏيڻ بدران عدالتي ڪارروائي ۾ دير ڪرڻ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن.










