19هين سنڌ گيمز 13 کان 17 ڊسمبر تائين سکر ۾ منعقد ٿينديون

19هين سنڌ گيمز 13 کان 17 ڊسمبر تائين سکر ۾ منعقد ٿينديون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت سنڌ جي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ 19هين سنڌ گيمز ۽ سنڌ پنڪ گيمز جي انتظامن ۽ تيارين بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري اسپورٽس منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسپورٽس اسد اسحاق، ڊائريڪٽر سيد حبيب الله، سمورن ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرن (DSOs) سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر 19هين سنڌ گيمز 13 کان 17 ڊسمبر تائين سکر ۾ منعقد ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته سنڌ گيمز ۾ پوري صوبي مان 5 هزار کان وڌيڪ رانديگر 40 کان وڌيڪ راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. راندين واري وزير ٻڌايو ته سنڌ گيمز لاءِ رانديگرن جا ٽرائلز 23 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين اوپن ۽ شفاف ميرٽ جي بنياد تي منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته چونڊيل رانديگرن لاءِ 7 کان 10 ڊسمبر تائين تربيتي ڪيمپ لڳائي ويندي. هن هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن ضلعن مان باصلاحيت رانديگرن کي نمائندگي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ ٽرائلز ۾ ميرٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي. سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ گيمز ۾ سائيڪلنگ، باڪسنگ، فينسنگ، بيڊمنٽن، فٽبال، هاڪي، والي بال، سوئمنگ، اسڪواش، جوڊو، جمناسٽڪ، ملاکڙو سميت 40 کان وڌيڪ رانديون شامل هونديون. سکر ۾ سنڌ گيمز جو انعقاد راندين جي هٿي، نوجوان رانديگرن جي همت افزائي ۽ نئين ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ طرف اهم قدم هوندو. هن چيو ته سنڌ گيمز پڻ نيشنل گيمز جي ڪامياب انعقاد جي طرز تي منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ سنڌ پنڪ گيمز جي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ويو. راندين واري وزير ٻڌايو ته سنڌ پنڪ گيمز 27 کان 29 نومبر تائين شهيد بينظير آباد ۾ منعقد ٿينديون، جن جو افتتاح خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪندي. انهن گيمز ۾ سڄي صوبي مان 1200 کان وڌيڪ عورت رانديگر حصو وٺنديون. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر هدايت ڪئي ته سنڌ پنڪ گيمز لاءِ سمورن ڊويزنن ۾ عورت رانديگرن جا ٽرائلز شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي منعقد ڪيا وڃن ته جيئن بهترين صلاحيتن جي مالڪ رانديگرن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته عورت رانديگرن کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي. صوبي ۾ راندين جي سرگرمين کي وسيع ڪري نوجوانن ۽ عورت رانديگرن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن. سنڌ حڪومت راندين جي هٿي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ قومي سطح تي راندين جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو