اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته پاڪستان فوج اربع ڏينهن ڪاميابيءَ سان فتح-3 سپر سونڪ ڪروز ميزائل جو تجرباتي فائر ڪيو.
بيان موجب ”پاڪستان فوج فتح-3 سپر سونڪ ڪروز ميزائل ڪاميابيءَ سان فائر ڪيو، جيڪو پاڪستان جي قومي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي آهي.“
بيان ۾ چيو ويو ته، ”هي هٿيارن وارو نظام جديد نيويگيشن ۽ پروپلشن نظام سان ليس آهي ۽ سپر سونڪ رفتار سان ڊگهي فاصلي تي موجود هدفن کي انتهائي درستگي ۽ تباهه ڪندڙ اثر سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ميزائل ”پاڪستان فوج جي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي آپريشنل لچڪ ۽ حملي جي حد ۾ نمايان اضافو ڪندو، جنهن سان ملڪ جي مجموعي روايتي دفاعي روڪٿام ۽ دفاعي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.“
بيان موجب، فوج جي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر، هٿياربند فوجن جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ميزائل جي فائر جو مشاهدو ڪيو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ڪامياب تجربي تي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
بيان جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ويو ته انهن پاڪستان جي دفاعي ترقيءَ ۾ هن اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ شامل سمورن اهلڪارن جي لگن ۽ عزم کي ساراهيو.
هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پاڪستان ايئر فورس ملڪ ۾ تيار ڪيل پهرئين ايئر ٽو ايئر ميزائل ”فَاعَز“ جو ڪامياب اڏام وارو تجربو ڪيو هو. آءِ ايس پي آر چيو هو ته اهو اڏام وارو تجربو ”قومي فضائي ۽ دفاعي صلاحيتن جي ترقيءَ ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي“ آهي.
آڪٽوبر ۾ پاڪستان ٻن ميزائلن جا ڪامياب تجربا ڪيا هئا. 13 آڪٽوبر تي فتح-2 وڌايل حد تائين مار ڪندڙ هائپرسونڪ بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو ويو، جڏهن ته 6 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ تيار ڪيل فتح-4 زمين تان فائر ٿيندڙ ڪروز ميزائل جي وڌايل ورزن جو تجربو ڪيو ويو.










