واٽس ايپ گروپن ۾ هاڻي 1500 ڄڻن کي شامل ڪرڻ ممڪن

واٽس ايپ گروپن ۾ هاڻي 1500 ڄڻن کي شامل ڪرڻ ممڪن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان کي واٽس ايپ گروپن ۾ ماڻهن جو تعداد گهٽ محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. ويب سائيٽ WABetaInfo جي رپورٽ موجب واٽس ايپ جي هڪ گروپ چيٽ ۾ هاڻي 1500 ڄڻن کي شامل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن وقت هڪ واٽس ايپ گروپ ۾ وڌ ۾ وڌ 1024 ڄڻن کي شامل ڪري سگهجي ٿو.واضح رهي ته مارچ 2023ع ۾ واٽس ايپ گروپ جي ميمبرن جو انگ 512 مان وڌائي 1024 ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻي ان تعداد ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي پئي وڃي. رپورٽ موجب نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو مرحليوار اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب ٿيندو. هي نئون فيچر خاص طور تعليمي ادارن ۽ مقامي برادرين سان لاڳاپيل گروپن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو. ان کان اڳ به واٽس ايپ پاران گذريل ڪجهه مهينن دوران گروپ چيٽس لاءِ ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن. هاڻي صارفين گروپ چيٽس ۾ پيغامن کي وڌيڪ وقت تائين پن ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته مينشنز ۽ جوابن کي فلٽر ڪرڻ جا آپشن پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح گروپ ۾ اڳ ئي موجود ميمبر نون شامل ٿيندڙ ماڻهن سان گروپ جي پراڻي پيغامن واري تاريخ پڻ شيئر ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو