دبئي: (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ عالمي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ بلاڪ چين ڪانفرنس ’بلاڪ چين لائيف 2026ع‘ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جڏهن ته منتظمين ڪانفرنس جي ٽڪيٽن جي وڪري لاءِ آخري موقعو هجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ۽ 2 ڊسمبر تي دبئي فئسٽيول سٽي جي فئسٽيول ايرينا ۾ ٿيندڙ 17هين عالمي فورم ۾ 130 کان وڌيڪ ملڪن مان 15 هزار کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي.ڪانفرنس جي سرڪاري ويب سائيٽ تي ٽڪيٽن جي وڌندڙ گهرج ۽ قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ بابت آگاهي ڏني وئي آهي. منتظمين گذريل ٻن سالن دوران تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ ٽڪيٽون مڪمل طور وڪرو ٿيڻ جو حوالو ڏيندي شرڪت ڪندڙن کي وقت سر رجسٽريشن ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي. بلاڪ چين لائيف 2026ع جي سرڪاري ويب سائيٽ موجب هن وقت اسٽينڊرڊ ٽڪيٽ جي قيمت 189 آمريڪي ڊالر، بزنس ٽڪيٽ جي 329 ڊالر ۽ وي آءِ پي ٽڪيٽ جي قيمت 999 ڊالر آهي. جڏهن ته منتظمين جي جاري ڪيل قيمتن جي شيڊيول ۾ آخري مرحلي دوران اسٽينڊرڊ ٽڪيٽ 399 ڊالر، بزنس ٽڪيٽ 729 ڊالر ۽ وي آءِ پي ٽڪيٽ 2 هزار 99 ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ويب سائيٽ تي ٽڪيٽن جي وڪري لاءِ آخري موقعي جي اعلان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جا خواهشمند سيڙپڪارن، واپارين ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو ڌيان ڇڪايو آهي. المدثر نيوز ايجنسي موجب بلاڪ چين لائيف 2026ع ۾ دنيا جي مشهور ڪرپٽو ڪرنسي ڪمپنين، ڊجيٽل مالياتي ادارن ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل 200 کان وڌيڪ مقررن جي شرڪت متوقع آهي. عالمي فورم دوران ڪرپٽو مارڪيٽ جي مستقبل، بٽ ڪوئن، ڊجيٽل اثاثن، ادارتي سيڙپڪاري، مصنوعي ذهانت ۽ جديد مالياتي ٽيڪنالاجي بابت اهم بحث مباحثا ٿيندا. ڪانفرنس سان گڏ هڪ وڏي عالمي نمائش پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ نمائشي اسٽالن ذريعي نئين ٽيڪنالاجي، ڪاروباري منصوبن ۽ ڊجيٽل مالياتي خدمتن کي متعارف ڪرايو ويندو. منتظمين موجب بلاڪ چين لائيف ۽ اي آءِ فيوچر ويڪ جي سلسلي ۾ 26 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين دبئي ۾ 300 کان وڌيڪ ضمني تقريبن جو پروگرام پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جن ۾ مجموعي طور 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي. انهن تقريبن ۾ عالمي سيڙپڪارن جون ملاقاتون، خاص ڪاروباري اجلاس، ٽيڪنالاجي ڪانفرنسون، نيٽ ورڪنگ پروگرام ۽ وي آءِ پي تقريبون شامل آهن. بلاڪ چين لائيف جي آفيشل آفٽر پارٽي 2 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي. منتظمين جو چوڻ آهي ته هي عالمي فورم دبئي ۾ ڪرپٽو ڪرنسي، مصنوعي ذهانت ۽ مستقبل جي ڊجيٽل معيشت بابت عالمي ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو.










