ڊرامن ۾ زبردستي شادي ڏيکارڻ واري لاڙي سان متفق ناهيان: انمول بلوچ

ڊرامن ۾ زبردستي شادي ڏيکارڻ واري لاڙي سان متفق ناهيان: انمول بلوچ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل انمول بلوچ ڊرامن ۾ هيرو ۽ هيروئن وچ ۾ زبردستي نڪاح ڏيکارڻ واري لاڙي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. انمول بلوچ کي شوبز انڊسٽري ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو ٿي ويو آهي. هوءَ پنهنجي خوبصورتي، فيشن جي شوق ۽ منفرد ڪردارن جي چونڊ سبب مداحن ۾ مقبول آهي. اداڪارا تازو عرصي دوران ڪيترن ئي ڊرامن ذريعي ڪاميابيون ماڻيون آهن. تازو انمول بلوچ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز انڊسٽري جي مختلف پهلوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊرامن ۾ زبردستي نڪاح ڏيکارڻ بابت ڳالهائيندي انمول بلوچ چيو ته ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪستاني ڊرامن ۾ غير شادي شده جوڙن وچ ۾ رومانوي لاڳاپا ڏيکارڻ جي اجازت ناهي هوندي، تنهن ڪري ڪهاڻي ۾ زبردستي نڪاح کي شامل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ڊرامن ۾ هيرو ۽ هيروئن ٻنهي کي زبردستي شاديءَ جي رشتي ۾ ٻڌو ويندو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڪهاڻين ۾ هيروئن جي شادي ڪنهن ٻئي شخص سان ٿي رهي هوندي آهي، پر عين وقت تي هيرو اچي ساڻس نڪاح ڪري وٺندو آهي ۽ اهڙي ريت هيروئن کي احساس ٿيندو آهي ته اصل ۾ اهو ئي سندس جيون ساٿي آهي. انمول بلوچ وڌيڪ چيو ته هوءَ پاڻ به ڊرامن ۾ زبردستي شادي ڏيکارڻ واري لاڙي سان متفق ناهي ۽ کيس اهو پسند به ناهي، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اهو ڪهاڻيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو