شوبز انڊسٽري ۾ جيڪو جيترو بدتميزي ڪندو، اوترو مقبول ٿيندو

شوبز انڊسٽري ۾ جيڪو جيترو بدتميزي ڪندو، اوترو مقبول ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا غزالا جاويد شوبز انڊسٽري بابت حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هاڻي انڊسٽري ۾ جيڪو جيترو بدتميزي ڪندو، اهو اوترو ئي مقبول ٿيندو.تازو ئي اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پي ٽي وي جي دور کي ياد ڪندي شوبز انڊسٽري جي موجوده صورتحال تي ڳالهايو.غزالا جاويد چيو ته هن هاڻي ڪم ڪرڻ تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پروڊڪشن جا ماڻهو يا ٽيم سٺي هوندي ته ڪم ڪندي، ٻي صورت ۾ ڪم نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي انڊسٽري ۾ عزت ڏيڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي ۽ سينيئرن جي عزت ڪرڻ جي اهميت ڄڻ ته ختم ٿي وئي آهي.هن ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته هاڻي اهڙن ماڻهن جا ناز نخرا برداشت ڪيا وڃن ٿا، جيڪي جيتري وڌيڪ بدتميزي ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪم ۾ جيترا غيرسنجيده آهن، اوترو ئي کين مقبوليت ملي ٿي.غزالا جاويد وڌيڪ چيو ته سينيئر اداڪار سيٽ تي پهچي وڃن ٿا، پر جونيئر يا ڊرامن ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو