لاهور )ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ذهني معذوريءَ جو شڪار شخص جي ڀاءُ پاران داخل ڪرايل ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ بابت سول ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي ڀيڻ جي آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس مزمل اختر شبير درخواست تي 9 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو.عدالت قرار ڏنو ته ذهني معذوريءَ جو شڪار شخص جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ آف پروٽيڪشن کان سرپرست مقرر ڪرائڻ لازمي ناهي. سول ڪورٽ پاڻ به ذهني معذوريءَ جو جائزو وٺي سگهي ٿي ۽ ڪيس جي حد تائين سرپرست مقرر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ذهني معذوريءَ جو شڪار شخص جي قانوني مفادن جو تحفظ ڪرڻ عدالت جي ذميواري آهي.درخواستگذار عورت جو موقف هو ته سندس ذهني معذوريءَ جو شڪار ڀاءُ صفدر علي وراثتي ملڪيت کيس تحفي طور منتقل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڀاءُ سرپرست ذريعي ملڪيت بابت دعويٰ داخل ڪرائي، پر ان لاءِ قانوني طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو.حڪم نامي موجب صفدر علي ذهني طور معذور آهي ۽ پنهنجا معاملا سمجهڻ جي صلاحيت نٿو رکي. سول ڪورٽ کيس ذاتي طور طلب ڪري سوال ڪيا، پر هو پنهنجي نالي ۽ رشتن جي سڃاڻپ کانسواءِ ٻين سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو.سول ڪورٽ ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي تڪراري ملڪيت وڌيڪ منتقل ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو هو.لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته سول ڪورٽ کي ذهني معذوريءَ جو تعين ڪرڻ ۽ ڪيس لاءِ سرپرست مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. ملڪيت وڌيڪ منتقل ٿيڻ جي صورت ۾ نوان ڪيس ۽ قانوني پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري ذهني معذوريءَ جو شڪار شخص جي مفادن جو تحفظ ضروري آهي.عدالت سول ڪورٽ ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج چنيوٽ جا فيصلا درست قرار ڏيندي عورت جي آئيني درخواست خارج ڪري ڇڏي.










