ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌڪار رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل رات ٿڌ ۾ پڻ اضافو ٿيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.شهر قائد ۾ اڄ صبح هوا ۾ گهم جو تناسب 41 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اوڀر طرف کان 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.










