ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم نائن موٽر وي تي ڪار بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب ڪار ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪارڪن سوار هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل گاڏي ايم ڪيو ايم اڳواڻ انيس قائم خاني جي قافلي ۾ شامل هئي.










