سانگهڙ )ن س )سانگهڙ جي نوابشاهه روڊ تي جامع اسلاميه محمود ڪوٽ سلطان ويجهو تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو. حادثي ۾ ٻار سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي پوليس امدادي ٽيمن جي مدد سان ترت اسپتال منتقل ڪيو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي ٻار جي سڃاڻپ حافظ عبدالسلام رند پٽ وزير علي رند طور ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين ضروري ڪارروائي بعد ٻار جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻار جي اوچتي وڇوڙي تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته وارثن جو روئي روئي حال خراب ٿي ويو.پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










