پيرولاشاري(ن س) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه جي پيرولاشاري پهچڻ تي مير فيصل ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين پاران اجرڪن ۽ گلن جي ورکا ڪندي شاندار استقبال ڪيو ويو.ان موقعي تي ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا ڪري نعريبازي ڪئي وئي. استقبال دوران سياسي ۽ قومي معاملن بابت پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع بدين جو اڳواڻ امير آزاد پنهور پڻ موجود هئو ريلي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي سڃاڻپ آهي، سنڌ کي ورهائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين.هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ جي وحدت جو تحفظ هر سنڌي جي گڏيل ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي.










