تھران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته سفارتڪاري ذريعي جنگ جو خاتمو اڃا به ممڪن آهي، ايران تڪرار جي حل لاءِ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته آمريڪا سان ثالثن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي. هن چيو ته ايران اهڙو معاهدو چاهي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ جنگ جو رستو روڪي، جڏهن ته افزودہ يورينيم ايران کان ٻاهر نه موڪليو ويندو. عراقچي چيو ته آبناءِ هرمز ايران جون شرطون پوريون ٿيڻ تائين بند رهندي، ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ آمريڪا جي سنجيدگيءَ جي ضمانت چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اين پي ٽي بابت ايران جي موقف ۽ جوهري نظريي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.










