ميلبرن (ويب ڊيسڪ) بال ٽيمپرنگ سينڊ پيپر اسڪينڊل واري معاملي تي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ڪپتان پيٽ ڪمنز جي حمايت ڪري ڇڏي. جوش هيزل ووڊ چيو آهي ته پيٽ ڪمنز بهترين اڳواڻ آهي ۽ ٽيم جا سمورا رانديگر سندس باري ۾ اهڙي ئي راءِ رکن ٿا. جيڪڏهن پيٽ ڪمنز کي آسٽريلوي ٽيم جي قيادت تان هٽايو ويو ته کيس پنهنجي مستقبل بابت سوچڻو پوندو. هن چيو ته پيٽ ڪمنز جي ڪپتانيءَ ۾ گذريل پنجن کان ڇهن سالن دوران ٽيم ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪپتان ٽيم کي اهڙي مقام تي پهچايو، جتي بال ٽيمپرنگ جهڙي واقعي جي ٻيهر ورجاءَ جو امڪان ناهي. پيٽ ڪمنز کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان مختلف حلقن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جوش هيزل ووڊ جو چوڻ هو ته ڪپتان طور پيٽ ڪمنز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ مان سندس حمايت ڪريان ٿو. 2018ع ۾ ڪيپ ٽائون ٽيسٽ دوران بال ٽيمپرنگ جي منصوبي جو حصو نه هئس، نه ئي مون کي سينڊ پيپر جي استعمال جي ڄاڻ هئي ۽ نه ئي بال سان ڇيڙڇاڙ جي منصوبي ۾ شامل هئس. هن چيو ته بال ٽيمپرنگ بابت جاچ دوران ڏنل بيان اڄ به درست سمجهان ٿو. ڪنهن ڳالهه جو اندازو هجڻ ۽ حقيقت ۾ ان جي ڄاڻ هجڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. پيٽ ڪمنز کي ڪپتانيءَ تان هٽائڻ جي صورت ۾ آسٽريلوي ٽيم لاءِ نوان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.










