ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ بسن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي

ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ بسن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽٽائي کان پوءِ انٽر سٽي بسن جي ڀاڙن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي، ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ بسن جي ڀاڙن ۾ 100 کان 500 روپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي پر وڏن ٽرانسپورٽرز اڃان تائين ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ڪئي آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪراچي کان لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي سميت مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ڪجهه بسن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي.نون ڀاڙن موجب ڪراچي کان اسلام آباد جو ڀاڙو 500 روپيه گهٽتائي کان پوءِ 6 هزار روپيه ٿي ويو آهي جڏهن ته لاهور جو ڀاڙو 6 هزار کان گهٽ ڪري 5 هزار 500 روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪراچي کان پشاور جو ڀاڙو 7 هزار روپيه، فيصل آباد جو 5 هزار روپيه ۽ ملتان جو ڀاڙو 4 هزار روپيه مقرر ڪيو ويو آهي.اندرون سنڌ سفر ڪندڙ مسافرن کي به ڪجهه رليف ڏنو ويو آهي، ڪراچي کان ميرپورخاص جو ڀاڙو 1300 روپين کان گهٽ ڪري 1200 روپيه، حيدرآباد جو 800 کان گهٽ ڪري 700 روپيه جڏهن ته بدين جو ڀاڙو 1500 کان گهٽ ڪري 1400 روپيه رکيو ويو آهي.مسافرن نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڀاڙن ۾ گهٽتائي کي خوشي جوڳو قدم قرار ڏنو پر انهن جو چوڻ هو ته موجوده ڀاڙا اڃان به وڌيڪ آهن. حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري ته جيئن عام ماڻهو کي حقيقي رليف ملي سگهي.مسافرن جو چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچڻ گهرجي ڇو ته تيل سستو ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ جا خرچ به گهٽ ٿيندا آهن. هڪ مسافر چيو ته عوام کي جيترو رليف ملندو اوترو ئي فائدو ٿيندو قيمتون وڌڻ تي ڀاڙا به وڌي ويندا آهن ۽ قيمتون گهٽ ٿيڻ تي ڀاڙن ۾ به گهٽتائي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو