اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جي بجاءِ سموري خطي کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سمورا معاملا پڪين شاهدين جي روشني ۾ اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.ياد رهي ته ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد تهذيبي مڪالمي ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ موجود آهي، جتي وفاقي وزير اڄ شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي تهذيبي فورم کي خطاب ڪندو.نئين دهلي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مصدق ملڪ چيو ته خطي جي ملڪن جو هڪ جڳهه جمع ٿيڻ، ڳالهيون ڪرڻ بهتري ۽ اڳڀرائي جي اميد پيدا ڪري ٿو. پاڪستان به امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪيل سنجيده ڪوششن ۾ تعاون ڪندو.ڀارتي صحافي طرفان دهشتگردي بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي. انهي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڀروسي جي بحالي لاءِ شفاف طريقيڪار واضح ڪرڻ ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي معاملي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀروسي لاءِ ڪيترائي ڀيرا شفاف طريقيڪار جي تجويز پيش ڪري چڪو آهي.وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطي جي مسئلن کي گڏيل الزام تراشي جي بجاءِ پڪين شاهدين جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملڪن جي وچ ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ امن سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪري سگهجن.










