واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور سرچ انجن گوگل پنهنجي هوم پيج ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت روايتي گوگل سرچ بٽڻ ختم ڪري ان جي جاءِ تي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل نوان فيچر شامل ڪيا پيا وڃن.گوگل پنهنجي هوم پيج جي روايتي ڊيزائن ۾ تمام گهٽ تبديليون ڪندو رهيو آهي، پر مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي ڪمپني لڳ ڀڳ 25 سالن کانپوءِ سرچ انجن کي نئين انداز ۾ پيش ڪري رهي آهي.گوگل سرچ جي نائب صدر روبي اسٽين سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي نئين ڊيسڪ ٽاپ هوم پيج جي جهلڪ شيئر ڪندي ٻڌايو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئين انٽرفيس جي مرحليوار فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. نئين ڊيزائن ۾ گوگل سرچ باڪس جي هيٺان موجود روايتي سرچ بٽڻ ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي جاءِ تي ٽي نوان آپشن شامل ڪيا ويا آهن.پهريون آپشن ’نانو بنانا‘ ذريعي تصويرون ٺاهڻ لاءِ هوندو، جنهن جي مدد سان واهپيدار لکت ۾ هدايتون ڏئي مصنوعي ذهانت وسيلي تصويرون تيار ڪري سگهندا.ٻيو آپشن ’Ask about files‘ هوندو، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجون فائلون اپلوڊ ڪري انهن بابت سوال پڇي سگهندا، دستاويزن جو تجزيو ڪرائي سگهندا ۽ گهربل ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.ٽيون آپشن ’Brainstorm‘ هوندو، جنهن جي مدد سان واهپيدار جيمني اي آءِ ذريعي نوان خيال، منصوبا ۽ تخليقي ڪمن بابت تجويزون حاصل ڪري سگهندا.ان سان گڏ گوگل جو روايتي ’I’m Feeling Lucky‘ بٽڻ برقرار رکيو ويو آهي، جنهن کي اڳ ۾ تبديل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو.
اي آءِ سرچ جي پراڻي گفتگو به محفوظ ۽ دستياب هوندي
گوگل جي نئين هوم پيج ۾ هڪ ٻي اهم تبديلي کاٻي پاسي کُلندڙ ۽ بند ٿيندڙ سائڊبار جو اضافو آهي.ان سائڊبار ذريعي واهپيدار پنهنجي تازين اي آءِ موڊ سرچز ۽ اڳوڻين ڳالهين تائين ٻيهر پهچي سگهندا. ان ۾ پراڻيون سرچون کولڻ، اڳوڻن سوالن تان گفتگو جاري رکڻ ۽ نئين چيٽ شروع ڪرڻ جي سهولت پڻ شامل هوندي.گوگل سرچ جي نائب صدر روبي اسٽين موجب واهپيدار هاڻي اهڙن سوالن لاءِ سرچ انجن جو رخ ڪري رهيا آهن، جن جا مڪمل جواب رڳو هڪ ڀيرو سرچ ڪرڻ سان نٿا ملي سگهن، پر انهن لاءِ وڌيڪ سوالن، ڄاڻ ۽ تحقيق جي ضرورت پوي ٿي.سندس چوڻ هو ته آزمائشي مرحلي دوران سائڊبار واهپيدارن کي پنهنجي اڳوڻين سرچز سان ٻيهر ڳنڍجڻ ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رکڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪئي.










