اينٿروپڪ جي عوامي شيئرز جي وڪري ۾ حد کان وڌيڪ رازداري

اينٿروپڪ جي عوامي شيئرز جي وڪري ۾ حد کان وڌيڪ رازداري

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هن سال ٻيو ڀيرو وال اسٽريٽ جي بينڪرن ۽ وڪيلن رڪارڊ قائم ڪندڙ ابتدائي عوامي شيئرز جي وڪري (IPO) مان وڏي رقم ڪمائي. ۽ هن سال ٻيو ڀيرو انهن مان ڪجهه ماڻهن ذاتي طور تي شڪايت ڪئي ته اهو عمل ڪيترين ئي پيچيدگين سان ڀريل هو ۽ اهڙو هو، جنهن تي هنن اڳ ڪڏهن ڪم نه ڪيو هو.
جون ۾ اسپيس ايڪس جي IPO دوران، جنهن ۾ بئنڪن اڌ ارب ڊالر ڪميشن طور ڪمايا، بينڪرن کي ان ڳالهه تي سخت اعتراض هئا ته ايلون مسڪ جي سربراهي واري ڪمپني ڪيترن ئي مهينن تائين هلندڙ عمل کي ڪيتري سختيءَ سان پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو ۽ مالي توڙي ٻين معلومات کي ڳجهو رکيو، جنهن سبب صلاحڪارن لاءِ پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو.
خميس ڏينهن اينٿروپڪ جي IPO، جنهن کي اندروني طور ”پروجيڪٽ لينٽرن“جو نالو ڏنو ويو هو، اسپيس ايڪس کان به اڳتي نڪري ويو ۽ بينڪرن کي ڪميشن طور اڌ ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ملي. ان عمل سان ويجهي لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن پيشڪش جي عمل ۾ پيش آيل مسئلن جي ڊگهي فهرست ٻڌائي.
مختصر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ وارو شيڊول، آخري وقت تي تبديلين ۽ مالي اڳڪٿيون شيئر ڪرڻ ۾ دير سبب متاثر ٿيل عمل، دستاويزن جي منظوريءَ ۾ تڪڙ، بينڪرن تي غيرمعمولي پابنديون ۽ معلومات ليڪ ٿيڻ بابت ڳڻتيون، خاص طور تي ان وقت کان پوءِ جڏهن رائٽرز IPO جي مسودي واري دستاويز جا ڪيترائي تفصيل ان جي عام ٿيڻ کان هفتا اڳ رپورٽ ڪيا هئا.
معاملي کان واقف ڪيترن ئي ماڻهن موجب، مثال طور اينٿروپڪ پنهنجي 22 IPO انڊررائيٽرز مان ڪجهه کي هدايت ڪئي ته معاملي تي ڪم ڪندڙ بينڪرن جو تعداد چار تائين محدود رکن ۽ لاڳاپيل ادارن کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيو ته اهي سينيئر عملدار هجن. انهن مان هڪ شخص چيو ته اها پابندي ممڪنه طور معلومات ليڪ ٿيڻ جي خوف سبب لڳائي وئي هئي، پر بئنڪن ان جي باوجود ان پابنديءَ کان بچڻ جو رستو ڪڍي ورتو.
انهن شڪايتن جي پسمنظر ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ وال اسٽريٽ جي وچ ۾ طاقت جو هڪ نئون توازن موجود آهي. اسپيس ايڪس، اينٿروپڪ ۽ مستقبل ۾ ممڪن طور اوپن اي آءِ جهڙيون ڪمپنيون مصنوعي ذهانت جي تبديلي آڻيندڙ صلاحيت سبب پنهنجن شيئرز جي شديد طلب پيدا ٿيڻ سان تمام وڏي طاقت حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻي اهي پنهنجا ڪم پنهنجي طريقي سان ڪرائي رهيون آهن. ان ڳالهه ڪجهه بينڪرن کي ناراض ڪيو آهي، پر بئنڪن ۽ سيڙپڪارن وٽ بظاهر انهن جي شرطن تي هلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو خاص رستو ناهي.
”انهن ڪمپنين وٽ يقيني طور ايتري مارڪيٽ طاقت هئي، جو اهي انڊررائيٽرز کي چئي سگهن ٿيون ته هاڻي ڪم معمول مطابق نه ٿيندو،“ فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ايمريٽس جيي رٽر چيو، جيڪو IPOs تي تحقيق ڪري ٿو. ”پر منهنجو خيال آهي ته وال اسٽريٽ جون وڏيون ڪمپنيون، شايد اوپن اي آءِ کان سواءِ، (انهن ٻن سودن کان پوءِ) اڃا به معمول مطابق ڪم ڪنديون رهنديون.“
رٽر وڌيڪ چيو ته اسپيس ايڪس ۽ اينٿروپڪ، ٻنهي گرين شو آپشن تحت وڪرو ٿيندڙ اضافي شيئرز تي انڊررائيٽرز کي ڪا به رقم ادا نه ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ”منهنجو خيال ناهي ته اڪثر ڪمپنيون اضافي وڪرو ڪيل شيئرز تي ڪميشن جي شرح صفر رکڻ جو مطالبو ڪري سگهنديون،“ هن چيو.
اينٿروپڪ، گولڊمين ساڪس ۽ مورگن اسٽينلي جيڪي ٻنهي IPOs جا مکيه انڊررائيٽر هئا، تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اسپيس ايڪس ۽ اوپن اي آءِ به رائٽر پاران ڏنل دريخواستن تي جواب نه ڏنو.
اسپيس ايڪس ۽ اينٿروپڪ، ٻنهي ڪاميابيءَ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ قدم رکيا، رڪارڊ رقم گڏ ڪئي ۽ شروعاتي طور سندن شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ ٿي. انڊررائيٽرز جي ڪم جو هڪ اهم حصو سيڪيورٽيز جي مارڪيٽنگ ڪرڻ آهي. مصنوعي ذهانت جي طلب سبب اهو ڪم آسان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڪمپنين جا شيئرز خريد ڪرڻ لاءِ آرڊر سندن پيش ڪيل مقدار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئا.
شيئرز جي قيمتن ۾ شروعاتي تيز واڌ کان پوءِ، ٻن وڏين اي آءِ ڪمپنين جي قيمتن جو رخ مختلف ٿي ويو. اسپيس ايڪس جا شيئرز 16 جون تي لسٽ ٿيڻ کان پوءِ 201.80 ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهتا، پر پوءِ گهٽجي ويا ۽ جولاءِ جي وچ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي 135 ڊالرن جي IPO قيمت کان هيٺ اچي ويا. اينٿروپڪ جا شيئرز جمعي تي 8.5 سيڪڙو گهٽجي بند ٿيا، جڏهن ته پهرين ڏينهن 17 سيڪڙو واڌ ٿي هئي. اي آءِ ۾ سيڙپڪاريءَ جي رجحان جي اوچتي ٽٽڻ ظاهر ڪيو ته رڪارڊ ڪاميابيءَ واري لسٽنگ به هن شعبي تي ڇانيل مايوسيءَ کي ختم نه ڪري سگهي.
غيرمعمولي مقابلي کان پاسو ڪرڻ جا معاهدا ۽ پابنديون
اسپيس ايڪس جي IPO جي معاملي ۾، عمل سان ويجهن ماڻهن چيو ته مسڪ جي ٽيم هر مرحلي تي شرطون طئي ڪيون. مسڪ جي ٽيم آمريڪا جي وڏين ۽ طاقتور بئنڪن، جن ۾ گولڊمين ساڪس ۽ مورگن اسٽينلي به شامل هئا، کي ٻڌايو ته اسپيس ايڪس جا شيئرز ڪيئن ۽ ڪنهن کي وڪڻڻ لاءِ پيش ڪيا وڃن. ڪجهه بئنڪن کي شيئرز جي مخصوص مقدار جا آرڊر پورو ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جيڪي ڪجهه معاملن ۾ ڪيترن ئي ارب ڊالرن جا هئا، ۽ کين اهو به ٻڌايو ويو ته ڪهڙي قسم جا سيڙپڪار آڻڻا آهن. ماڻهن موجب بئنڪن کي IPO جي انڊررائيٽنگ لاءِ راضي ڪيو ويو، پر کين اهو نه ٻڌايو ويو ته ان ڪم جي عيوض ڪيتري رقم ڏني ويندي.
اينٿروپڪ جي IPO جي عمل دوران ڪيترن ئي ماڻهن، جن رائٽرز سان ڳالهه ڪئي، ان ڳالهه کي انتهائي احتياط واري روَيي طور محسوس ڪيو.
انهن ماڻهن موجب اينٿروپڪ IPO تي ڪم ڪندڙ بئنڪن جي ڪجهه سينيئر عملدارن کان قانوني دستاويزن تي صحيحون ورتيون، جن تحت ٽرانزيڪشن ٽيم جا اهم ميمبر ڪمپني جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ ڇهن مهينن تائين ان جي مقابلي ڪندڙ ڪمپنين، جن ۾ اوپن اي آءِ، ڪرسر، ڊيپ سيڪ ۽ هگنگ فيس شامل آهن، سان ڪم نه ڪري سگهندا هئا.
بئنڪون معمول مطابق مفادن جي ٽڪراءَ کي سنڀالينديون آهن ۽ گراهڪن جي رازداريءَ جو تحفظ ڪنديون آهن. پر بينڪرن ۽ وڪيلن چيو ته IPO ۾ اهڙي وسيع نوعيت جي خصوصي پابندي لاڳو ڪرڻ غيرمعمولي آهي، خاص طور انفرادي بينڪرن تي.
ماضي ۾ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ٿيندڙ IPOs، جهڙوڪ رائيڊ شيئرنگ ڪمپنين اوبر ۽ ليفٽ يا ريئل اسٽيٽ ڪمپنين ٽروليا ۽ زيلو جا IPOs، دوران بئنڪون آسانيءَ سان ڪنهن هڪ ڪمپنيءَ جو ساٿ ڏئي سگهنديون هيون، جزوي طور ان ڪري جو اهي معاملا ننڍا هئا ۽ انهن لاءِ گهٽ بئنڪن جي ضرورت پوندي هئي.
ان جي ابتڙ، اينٿروپڪ کي گهربل وڏي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ بئنڪن جو وسيع اتحاد ٺاهڻو پيو. ڪجهه ماڻهن چيو ته اهو ئي سبب هو، جو اينٿروپڪ انفرادي بينڪرن کي انهن پابندين جو پابند بڻائڻ چاهيو ٿي.
هڪ بينڪر، جنهن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪيو، چيو ته اهڙا ماڻهو ڳولڻ ڏکيو هو، جيڪي اينٿروپڪ جي مقابلي ڪندڙ ڪمپنين جي فعال طور نگراني ڪرڻ يا انهن سان رابطو رکڻ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪري سگهن، خاص طور تي جڏهن انهن مان ڪيترين ئي ڪمپنين پنهنجا IPOs يا ٻيا شيئرز وڪڻڻ جا عمل شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون.
معلومات ليڪ ٿيڻ ۽ رات دير تائين ڪم
ڪجهه پابنديون معلومات ليڪ ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ لڳايون ويون هيون. اينٿروپڪ جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (SEC) ۾ داخل ڪرايل دستاويز، جنهن کي فارم S-1 چيو ويندو آهي، عام ٿيڻ کان لڳ ڀڳ چار هفتا اڳ رائٽرز ان بابت رپورٽ ڪئي، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جي مالي صورتحال، خطري جا عنصر، ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان معاملا ۽ ٻيا تفصيل ظاهر ڪيا ويا هئا.
اينٿروپڪ معاملي جي انڊررائيٽنگ ڪندڙ اڪثر بئنڪن سان معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ عام PDF فائلن بدران NetRoadshow نالي پراڊڪٽ استعمال ڪيو.
NetRoadshow دستاويزن تائين رسائيءَ جا تفصيل رڪارڊ ڪري ٿو، جن ۾ اهو به شامل هوندو آهي ته ڪنهن دستاويز کي ڪنهن ڏٺو ۽ ان جا ڪهڙا صفحا پڙهيا. NetRoadshow تي موجود دستاويزن تي انفرادي بينڪرن جا نالا واٽر مارڪ طور به لڳل هئا.
پريس ۾ معلومات ليڪ ٿيڻ جا واقعا جاري رهيا، پر هڪ شخص موجب NetRoadshow استعمال ڪرڻ سبب بينڪرن جو ڪم وڌيڪ پيچيده ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو پليٽفارم کين دستاويزن جون ڪاپيون محفوظ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو هو.
اينٿروپڪ 10 نومبر تي قيمتن جي حد سان گڏ سيڪيورٽيز جي اپڊيٽ ٿيل دستاويز، جنهن کي S-1A چيو ويندو آهي، SEC ۾ جمع ڪرائڻ ۽ شيئرز جي مارڪيٽنگ شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. ان لاءِ ڪمپنيءَ کي پنهنجي اتحاد ۾ شامل سڀني بئنڪن ڏانهن مسودو موڪلڻو هو، ته جيئن اهي ان جي منظوري ڏين.
اهو ڪم ٿيڻ کان هڪ رات اڳ، معاملي تي ڪم ڪندڙ هڪ قانوني فرم بئنڪن کي ڪينيڊا ۾ شيئرز جي وڪري بابت PDF موڪلي. پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ ان فرم هڪ ٻيو اي ميل موڪلي، جنهن ۾ ان PDF کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ”قيمتن جي حد ۽ شيئرز بابت غلط معلومات“ شامل هئي. رائٽرز اها اي ميل ڏٺي هئي.
ان کان پوءِ صحيح S-1A دستاويز نيويارڪ جي مقامي وقت موجب رات لڳ ڀڳ 2 وڳي NetRoadshow پليٽفارم ذريعي موڪليو ويو. بئنڪن کي ٻڌايو ويو ته SEC ۾ جمع ڪرائڻ کان اڳ ان جي منظوري ڏيڻ لاءِ وٽن ڪجهه ڪلاڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو