دوحا)ويب ڊيسڪ) قطر ۾ جاري ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جي اهم مقابلي ۾ پاڪستان شاهينز شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ڀارت اي کي 48 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اننگ جي آخري اوور ۾ 313 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اوپنرن شامل حسين ۽ معاذ صداقت ٽيم کي 66 رنسن جي شروعات ڏني. شامل حسين 33 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر روحيل نذير بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿيو. معاذ صداقت ۽ حسن نواز ٽين وڪيٽ تي 54 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. معاذ صداقت 59 رنسون ٺاهيون، ڪپتان عبدالصمد 28 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته حسن نواز پنج چوڪن ۽ چئن ڇڪن جي مدد سان 79 رنسون ٺاهيون. ٻئي پاسي فرحان يوسف 46 بالن تي 56 رنسون اسڪور ڪيون. ڀارت طرفان وپراج، سوريانش، پرنس ۽ هرشيت ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڀارت اي جي شروعات سٺي نه رهي ۽ 26 رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪري پيون. ڪپتان تلڪ ورما ۽ اڀيشيڪ شرما ٽين وڪيٽ تي 67 رنسون جوڙيون. اڀيشيڪ شرما ڇهن چوڪن ۽ ڇهن ڇڪن جي مدد سان 70 رنسون ٺاهيون. ان کانپوءِ ڀارتي بيٽنگ لائين دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي. ڪپتان تلڪ ورما ۽ شهبا ز احمد ستين وڪيٽ تي 112 رنسن جي ڀائيواري ڪري ٽيم کي مقابلي ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. شهبا ز احمد 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته تلڪ ورما 100 رنسن جي اننگز کيڏي آخري آئوٽ ٿيو. ڀارتي ٽيم 265 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان حسن نواز ۽ علي رضا ٽي ٽي، جڏهن ته عمران رندهاوا ٻه وڪيٽون ورتيون. ٽورنامينٽ ۾ ٻن ميچن ۾ ٻن ڪاميابين کانپوءِ پاڪستان جا چار پوائنٽ ٿي ويا آهن ۽ گرين شرٽس جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.










