لڪي مروت: پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪو، 4 اهلڪار زخمي

لڪي مروت: پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪو، 4 اهلڪار زخمي

لڪي مروت )ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۾ ٿاڻي صدر جي پوليس موبائل ڀرسان ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو