فيلڊ مارشل جي انور ابراهيم سان ملاقات، دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

فيلڊ مارشل جي انور ابراهيم سان ملاقات، دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملائيشيا جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، دفاعي، سيڪيورٽي تعاون ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ملائيشيا جي راڄڌاني پتراجايا ۾ وزيراعظم انور ابراهيم سان انهي جي آفيس تي دانا پوترا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي علاقائي امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو.آ3 ايس پي آر موجب ملائيشين وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان، ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي تعريف ڪندي دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.فيلڊ مارشل عاصم منير ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ اداره جاتي رابطه وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادي جو اظهار ڪيو.ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي فوجي تعاون کي هٿي ۽ علائقائي، عالمي سيڪيورٽي معاملن تي مسلسل مڪالمي جي ذريعي دفاعي لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.دوري جي دوران ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا جي دفاع واري وزارت پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو انهي موقعي تي ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل تان سري حاجي مالڪ رزاق سليمان ۽ بري فوج، بحريه ۽ فضائيه جا سربراهه به موجود هئا.فيلڊ مارشل عاصم منير ملائيشيا جي دفاع واري وزير داتوسري محمد خالد بن نورالدين سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ، ٻنهي ملڪن جي فوج جي وچ ۾ رابطه مضبوط بنائڻ ۽ تعاون جي نئين امڪانن تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ملائيشيا جي نيشنل ڊفينس اسٽڊيز سينٽر(پوسپاهاناس) جو دورو به ڪندو جتي انهي کي اداري جي مشهور هال آف فيم ۾ 21هين ميمبر جي طور تي شامل ڪرڻ جي باضابطه تقريب منعقد ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو