پ پ وفد جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات، ريلي مامري تي ڳالھيون

پ پ وفد جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات، ريلي مامري تي ڳالھيون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي وفد سنڌ جي اپوزيشن اڳواڻ جي چيمبر ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ 29 نومبر جي ريلي، نون صوبن ۽ انتظامي يونٽس قائم ڪرڻ سميت اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.حڪومتي وفد ۾ نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، ضياءُالحسن لنجار ۽ سينيٽر وقار مهدي شامل هئا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ۾ سينئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، اپوزيشن اڳواڻ سنڌ اسيمبلي علي خورشيدي، پارلياماني اڳواڻ افتخار عالم ۽ ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ طحه احمد خان سميت ايم ڪيو ايم پاڪستان جا سنڌ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا.ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته اسان متحده کان تاريخ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي، سياسي پارٽيون جيڪو به ڪن فيصلو آئين جو هوندو، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ آئين آهي ته اسان جو فيصلو مڃيو ويندو. قادر مگسي به ڪنهن ري ايڪشن ۾ ريلي ڪڍي رهيو آهي. اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرڻ کان پوءِ بحث ختم نه ٿي آهي انهي لاءِ قادر مگسي ريلي ڪڍي رهيو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان اڳ ئي 29 نومبر جو اعلان ڪيو هو. هاڻ 29 نومبر مٿان اچي پهتي آهي پهريان درخواست ڪئي وڃي ها ته اسان کي سوچ ويچار جو وقت ملي ها، اهو اسان جي انا جو مسئلو نه آهي، هر شهري، سياسي پارٽي جي عزت نفس آهي، ملڪ ۾ نوان صوبا، انتظامي يونٽس ٺاهيا پيا وڃن جنهن جي لاءِ ريفرنڊم ڪرايو ويندو. جيڪڏهن اسان ٿوري ڍر ڏينداسين ته اسان کي نقصان ٿيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي پارٽي آهي.هن چيو ته 28هين ترميم کان پوءِ حڪومت جي ذميواري آهي ته امن امان جي ذميواري کڻي. اسان 29 نومبر جي ريلي کي ملتوي ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي قيادت سان مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪنداسين هيستائين پهچي واپسي اختيار ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل فيصلو آهي.فاروق ستار چيو ته اسان جي ريلي ۾ ميمڻ، گجراتي، مارواڙي، بلوچي، ڪشميري، گلگتي، سنڌي به شامل ٿيندا. اسان جي ريلي ۾ هر زبان جا ماڻهو شامل هوندا. هر فورم تي انتظامي يونٽس جي ڳالهه ٿي رهي آهي. اسان ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اها ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته ننڍا صوبا بنجڻ گهرجن. صوبن جي لفظ کان جيڪڏهن اوهان کي مسئلو آهي ته انتظامي يونٽس چئي ڇڏيو. جذباتي ٿي ڪنهن کي رد ڪرڻ ۽ مخالفت براءِ مخالف ڪرڻ سياست نه آهي. ڪيترن سالن کان پوءِ اسان کي چيو ويو ته اسان کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن. انتظامي يونٽس جو قيام ملڪي بقا جي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي.هن چيو ته اسان وٽ نون صوبن يا انتظامي يونٽس جو پورو خاڪو موجود آهي. پاڪستان جي هڪ وڏي فورم سان انتظامي يونٽس جي قيام جي ڳالهه سامهون آئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو انهي معاملي کي فرنٽ کان اڳواڻي ڪري، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي جيڪو دهشتگردن جي خلاف قدم کنيو ويو هو. بالڪل اهڙي طرح انتظامي يونٽس جو معاملو به سنجيده آهي.فاروق ستار جو چوڻ هو ته عالمي سفارتڪاري ۾ اوهان عالمي امن جا پيامبر بڻجي ويو، 20 سالن کان اسان جي معيشت، ترقي 3 سيڪڙو کان اڳيان ناهي وڌي، ملڪ ۾ ڪجهه 100 خاندانن جي اجاره داري جو خاتمو ۽ نون انٽطامي يونٽس جو قيام ملڪي بقا جو ضامن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو