ترڪيه سان عدالتي تعاون وڌائڻ واري مفاهمتن  تي صحيحون

ترڪيه سان عدالتي تعاون وڌائڻ واري مفاهمتن تي صحيحون

اسلام آباد:(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عدالتي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عدالتي تعاون جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب وفاقي راڄاني ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي اعليٰ عدالتن جي وچ ۾ اداره جاتي رابطه مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ترڪيه يج ڪورٽ آف ڪيسيشن جي صدر عمر ڪيرڪيز يادداشت تي صحيحون ڪيون. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي تقريب ۾ سمورن مهمانن کي ڀليڪار چوندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن، اسان قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي عدالتي نظام کي جديد بنائيندو. هن چيو ته معاهدو ضلعي عدليه جي تربيت لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، جڏهن ته اهو معاهدو پاڪ ترڪيه عدالتي تعاون، ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي ويجهو آڻيندو. معاهدو عدالتي تعاون کي نئين بلندين تي کڻي ويندو.چيف جسٽس ٻڌايو ته پاڪستان عدالتي نظام ۾ اصلاحات متعارف ڪرائي آهي، ترڪيه مصنوعي ذهانت جي استعمال ۾ رول ماڊل آهي. انهي معاهدي سان عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ملندي. اي ڪورٽس سان انصاف تائين پهچ بهتر ٿيندي ۽ عدالتي تجربن جي ڏي وٺ سان انصاف جو نظام جديد ٿيندو.ترڪيه ڪورٽ آف سيسيشن جي صدر عمر ڪرڪيز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل قدمن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عدالتي تعاون کي هٿي ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان اچڻ تي خوشي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهيون.هن چيو ته عدالتي تجربن جي ڏي وٺ سان ٻئي ملڪ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي عدالتي نظام کي موثر ۽ شفاف بنائڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو