ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪو به ري سيٽ ٿيندو، اهو جمهوري هوندو، سياستدان پاڻ مايوس ٿيندا ته عوام جو نظام تي اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو؟ ملڪ جو ٻچو ٻچو ڪرپشن کان نفرت ڪري ٿو، نوجوان اهڙو پاڪستان چاهين ٿا، جتي ڪرپشن نه هجي، ملڪ جي نوجوانن جو نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ سنڌ يوٿ ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياستدانن کي عوام جو اعتماد ۽ اميد برقرار رکڻي پوندي. اهڙو نظام جوڙڻو پوندو، جيڪو ڪرپشن جا رستا بند ڪري. عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو ۽ اهڙو نظام قائم ڪرڻو پوندو، جنهن تي پاڪستان جا ماڻهو ڀروسو ڪري سگهن. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن جا رستا بند ڪرڻا پوندا، نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي شفافيت آڻڻي پوندي ۽ عوام کي بنا ڪنهن تڪليف جي سهولتون فراهم ڪرڻ وارو نظام جوڙڻو پوندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خطرناڪ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو، قومي مفاد خاطر اختلاف هڪ پاسي رکڻا پوندا، جڏهن ته ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي يڪجهتي ضروري آهي. حڪمرانن جي ذميواري آهي ته نفرت ۽ ورهاست واري سياست ڇڏي ڏين. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي بحال ڪرڻي پوندي ۽ عدليه تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي کي نظام تي اعتماد هئڻ گهرجي. قومي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي ذريعي معاشي ڏکيائين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته نظام اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن تي نوجوانن کي مڪمل اعتماد هجي. سمورا ادارا نظام هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. نوجوانن کي احساس ٿيڻ گهرجي ته هي نظام سندن پنهنجو آهي. شهرين جو نظام تي اعتماد قائم ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته سياستدان پاڻ مايوس هوندا ته عوام جو اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو؟هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان ڪامياب ٿيس ته عوام ۽ ملڪ ترقي ڪندا، پر جيڪڏهن ناڪام ٿيس ته تاريخ ياد رکندي ته هڪ نوجوان هو، جنهن ڪوشش ڪئي. ڊپ آهي ته جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهندا رهياسين ته ملڪ ۾ وڌيڪ ورهاست پيدا ٿيندي.










