دبئي (ويب ڊيسڪ) فيفا وومينز فٽبال ورلڊ ڪپ 2035ع جي ميزباني انگلينڊ، ويلز، اسڪاٽلينڊ ۽ اتر آئرلينڊ گڏيل طور ڪندا. ميڊيا رپورٽ موجب 1966ع ۾ مردن جي فٽبال ورلڊ ڪپ کانپوءِ پهريون ڀيرو هي ٽورنامينٽ برطانيا ۾ منعقد ٿيندو. 48 ٽيمن وچ ۾ 39 ڏينهن تائين جاري رهندڙ هن ٽورنامينٽ ۾ 104 ميچون کيڏيون وينديون.










