ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار دوران مثبت لاڙا برقرار آهن.ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن واپار جي شروعات سان ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏٺي وئي ۽ 1500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان 100 انڊيڪس هڪ لک 79 هزار 77 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 91 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 77 هزار 473 پوائنٽن تي بند ٿيو هو ٻئي طرف ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به تيزي رڪارڊ ڪئي وئي.خبر ايجنسي موجب تائيوان جي تائيوان ايس اي انڊيڪس ۾ 9 سيڪڙو، ڏکڻ ڪوريا جي ڪوسپي انڊيڪس ۾ 7 سيڪڙو ۽ جاپان جي نڪئي انڊيڪس ۾ 4 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته چين جي شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ به معمولي تيزي ڏٺي وئي.










