اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اڱاري ڏينهن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي انهن ماڻهن لاءِ ڍال نه بڻجڻ گهرجي، جيڪي ريڊ لائين کي پار ڪن ٿا.
هن اهي ڳالهيون سسٽينبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (SDPI) پاران منعقد ڪيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيون.
پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ وزير چيو ته رياست لاءِ 4 ”ريڊ لائينز“ آهن: دهشتگردي، نفرت انگيز تقرير، تشدد تي اُڪسائڻ ۽ ٻارن جو جنسي استحصال.
”انهن چئن معاملن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. پاڪستان دهشتگردي جي قيمت رت سان ادا ڪئي آهي. گهرو وزير جي حيثيت ۾ مان شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت ڪئي آهي. ۽ اڪثر انهن کي قتل ڪندڙ نفرت جي شروعات موبائل فون تان ٿي هئي.“
هن الزام لڳايو ته دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (CTD) پاران ڪيل شڪايتن مان رڳو 47 سيڪڙو تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ڪارروائي ڪئي.
”هن وڌيڪ چيو ته هي ٽيڪنالاجي جو معاملو ناهي، هي ماڻهن جو معاملو آهي. اسان اهو نٿا چئون ته اظهار جي آزادي کي محدود ڪيو وڃي، صحافين کي رپورٽنگ ڪرڻ گهرجي، شهرين کي سوال ڪرڻ گهرجن، اختلاف راءِ ٻڌڻ گهرجي، حڪومت خلاف به، پر اظهار جي آزادي انهن ماڻهن لاءِ ڪڏهن به ڍال نٿي بڻجي سگهي، جيڪي انهن ريڊ لائينز کي پار ڪن ٿا.“
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ افرادي قوت، وسيلا ۽ ٽيڪنالاجي محدود آهن. پنجاب جو مثال ڏيندي هن چيو ته صوبي جي 14 ڪروڙ آبادي جي مقابلي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) ۾ رڳو 61 اهلڪار آهن.
”هن چيو ته انهن 61 ماڻهن ۾ ڊرائيور، ڪلارڪ ۽ آفيسر به شامل آهن. اسان اهو ڪم اڪيلا نٿا ڪري سگهون. انهيءَ ڪري اسان سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي آهي.“ وزير پاليسي ٺاهڻ کان اڳتي وڌي ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
”هن چيو ته شروعات ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن، او ٽي ٽي سروسز ۽ وڏن مواد ٺاهيندڙن کي اٿارٽي وٽ رجسٽر ٿيڻ گهرجي. رجسٽريشن ڪنهن کي خاموش ڪرائڻ جو لائسنس ناهي، پر ان سان اسان کي خبر پوندي ته ڪا خرابي ٿيڻ جي صورت ۾ جوابدار ڪير آهي.“
هن چيو ته هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي ”پاڪستان لاءِ بااختيار نمائندو نامزد ڪرڻ گهرجي، جيڪو واقعي فيصلا ڪري سگهي.“
”اهڙي طرح شهرين لاءِ شڪايت درج ڪرائڻ جو هڪ اهڙو چينل هجڻ گهرجي، جنهن جي اڳڀرائي کي هو پاڻ ڏسي سگهن. اسان NCCIA جون سموريون شڪايتون پاڪ آءِ ڊي ايپ تي منتقل ڪري رهيا آهيون ۽ اٿارٽي هڪ واحد، مڪمل طور ٽريڪ ٿيندڙ شڪايتن جو نظام ٺاهي رهي آهي.“
نقوي هڪ تازي ٽائون هال اجلاس جو ذڪر ڪيو، جتي هن 5 ڇوڪرين سان ملاقات ڪئي، جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڪنهن شخص پاران سندن ”حساس مواد“ جاري ڪرڻ جي ڌمڪي سبب خودڪشي ڪرڻ جي ويجهو پهچي چڪيون هيون.
هن چيو ته ”اسان وٽ انهن پليٽ فارمن تائين پهچڻ جو ڪو طريقو ناهي. انهن بيگناهه زندگين کي بچائڻ لاءِ فوري ردعمل ڏيڻ انهن جي ذميواري آهي.“ وزير چيو ته سوشل ميڊيا اٿارٽي تصديق ڪندي ته ڪارروائي ڪئي وئي آهي يا نه.
”آخرڪار، عملدرآمد مرحليوار ٿيندو: پهرين رابطو، پوءِ نوٽيس ۽ ان کان پوءِ ڏنڊ. ڪنهن مڪمل سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي بند ڪرڻ آخري قدم هوندو … اسان جو مطالبو واضح، قانوني ۽ نظرثاني جي قابل هوندو.“
”رياست کي پاڻ کي بي وس محسوس نه ڪرڻ گهرجي. پر اسان ڏسون ٿا ته دهشتگرد گروپ اڃا تائين انهن ئي پليٽ فارمن تي ڀرتيون ڪري رهيا آهن، دهشتگردي لاءِ فنڊ گڏ ڪري رهيا آهن ۽ خوف پکيڙي رهيا آهن.“
مثال ڏيندي نقوي چيو ته بلوچستان لبريشن آرمي (BLA) هڪ اعلانيل دهشتگرد تنظيم آهي، پر ”ان جا ڪيترائي عهديدار اڃا تائين انهن پليٽ فارمن کي استعمال ڪري رهيا آهن.“
”جيڪڏهن اها هڪ اعلانيل [دهشتگرد] تنظيم آهي، ته پوءِ ڪير انهن کي انهن پليٽ فارمن تي سرگرم رهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ ڪنهن کي انهن کي روڪڻ گهرجي. اهو ئي اسان جو مطالبو آهي.“
”جيڪڏهن توهان ائين نٿا ڪريو ته پوءِ اسان ان جو ڪهڙو مطلب وٺون؟ جيڪڏهن توهان جي ملڪ طرفان ڪنهن تنظيم کي بليڪ لسٽ ڪيل ۽ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي، پر پوءِ به توهان ڪارروائي نٿا ڪريو، ته اهو هڪ وڏو سوال آهي،“ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت NCCIA جي صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.
”اڄ مان انهن سڀني پليٽ فارمن ڏانهن کليل هٿ وڌايان ٿو. اچو ته گڏجي ويهون، هڪ ٻئي جي سامهون نه. عالمي سطح تي ڪم ڪريو، عالمي سطح تي جوابده رهو ۽ پاڪستاني شهرين کي ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيڻ ڏيو ته سندن آواز ٻڌو نٿو وڃي،“ هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪئي.










