مولانا ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گرفتار

مولانا ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ملڪ کي رت جي راند، تشدد ۽ انتشار کان بچائڻ لاءِ گرفتاري ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو، حڪومتي ارادن کي سمجهندي ڪارڪنن ۽ حڪومت وچ ۾ ٽڪراءَ بدران گرفتاري کي ترجيح ڏني.اسلم غوري موجب مولانا فضل الرحمان سرگوڌا ۾ جلسي لاءِ روانو ٿيو هو، پر لاهور پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ٺوڪر واري هنڌ سندس رستو روڪي کيس 11 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين محصور رکيو. ڊي آءِ جي لاهور کيس واپس گهر وڃڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سي سي پي او لاهور پهچي کيس گرفتاري جي حڪمن کان آگاهه ڪيو. ترجمان چيو ته ان وقت پارٽي جا ڪارڪن گذريل 10 ڪلاڪن کان ملڪ جي مختلف شاهراهن تي ڌرڻا هڻي ويٺل هئا، جڏهن ته ڪارڪنن ۽ عوام جو انگ وڌڻ سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي رهي هئي. مولانا فضل الرحمان عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا جي رڪاوٽن سبب لاهور جي شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ قومي توڙي صوبائي شاهراهن تي ٽريفڪ بند رهي. اسان سڄي ملڪ ۽ قوم جا ٿورائتا آهيون ۽ عوام کي پهتل تڪليف تي معذرت خواهه آهيون. اسلم غوري اعلان ڪيو ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، جڏهن ته مولانا خواجه خليل احمد قائم مقام مرڪزي امير طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. هن واضح ڪيو ته پارٽي جي اڳوڻن فيصلن ۽ مولانا فضل الرحمان جي بيانئي موجب تحريڪ ۽ جدوجهد جاري رهندي، جڏهن ته ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان قيادت پاڻ ۾ صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سڄي ملڪ ۾ جاري ڌرڻا ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سڀاڻي جمعي نماز کانپوءِ ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته گرفتاريون سندن رستو روڪي نه سگهنديون ۽ هو پراميد آهي ته حڪومت سندس گرفتاري برداشت نه ڪري سگهندي.ھوڏانھن جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي قافلي سميت واپس رهائشگاهه روانو ٿي ويو آهي. ڊي آءِ جي فيصل ڪامران موجب ملتان روڊ ۽ موٽروي تي ٽريفڪ معمول موجب جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو