پاڪستان لاءِ 46 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي ٻن قرضن جي منظوري

پاڪستان لاءِ 46 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي ٻن قرضن جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 46 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي ٻن قرضن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اي ڊي بي موجب انهن قرضن ذريعي خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ آبپاشي، پاڻي جي انتظام ۽ زرعي نظام کي بهتر بڻايو ويندو. منصوبن مان 7 لک 28 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪندا، جڏهن ته خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. اي ڊي بي جي پڌرائي موجب خيبرپختونخوا لاءِ 20 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جو رعايتي قرض منظور ڪيو ويو آهي، جنهن سان نوشهري، صوابي ۽ اپر چترال ۾ آبپاشي جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو. منصوبي تحت ننڍن آبادگارن جي آمدني وڌائڻ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ان سان گڏ عورتن کي روزگار بابت تربيت ڏيڻ ۽ پاڻي جي انتظام واري نظام ۾ سندن ڪردار وڌائڻ جا اپاءَ پڻ شامل آهن. ٻئي پاسي پنجاب لاءِ 26 ڪروڙ ڊالرن جي انٽيگريٽيڊ هِل ٽورنٽ مئنيجمينٽ منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي. ان منصوبي تحت پنجاب جي جابلو علائقن ۾ ٻوڏ وارن وهڪرن جا خطرا گهٽائڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته ٻئي منصوبا خوراڪ جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته منصوبن سان زرعي پيداوار وڌائڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پاڻي جي ڀروسي جوڳي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو